قمبر ( رپورٽر) قمبر جي بروهي محلي ۾ چانڊيا برادري جي قاسماڻي پاڙي جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ پراڻي تڪرار تان هٿيار بندن فائرنگ ڪري موٽر سائيڪل تي ويندڙ ڳوٺ جي چڱي مڙس 50 سال جي محمد قاسماڻي چانڊيو کي مرڻينگ ڪري ڇڏيو، جنهن کي بروقت علاج لاءِ قمبر اسپتال آندو ويو، جتان کيس لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو، جتي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. لاش پوسٽ مارٽم لاءِ قمبر اسپتال آندو ويو. وارثن ۽ برادري جي ماڻھن لاش قمبر باءِ پاس تي رکي ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هنيو، جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي. ان موقعي تي مقتول جي ڀاءُ فياض چانڊيو ميڊيا آڏو الزام هڻندي چيو ته ايم پي اي سردار چانڊيو کي ٻڌايو ته جوابدارن جي مالي ۽ قانوني سپورٽ ڪرڻ سميت انهن کي گاڏيون ۽ هٿيار ڏئي اسان جا 3 ڄڻا قتل ڪرايا آھن، سال اڳ منهنجي ڀاءُ ظھور کي به قتل ڪيو ويو، ڪجهه مهينا اڳ منهنجي سئوٽ مولابخش کي به ماريو ويو،هينئر منهنجي ٻئي ڀاءُ کي به قتل ڪيو ويو آھي، ڪيس داخل هئڻ باوجود سردار چانڊيو جي سپورٽ هئڻ سبب پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ بدران انهن کي تحفظ ڏئي رهي آھي. هن مطالبو ڪيو ته مقتول جو ڪيس سردار چانڊيو، حاڪم چانڊيو ۽ ٻين مٿان داخل ڪيو وڃي.