سنڌ حڪومت 190 ڪميونٽي مڊوائيفري جي ڪانٽريڪٽ ۾ 3 سالن جي واڌ ڪري ڇڏي

0
242
ڪميونٽي مڊوائيفري جي ڪانٽريڪٽ
سنڌ حڪومت 190 ڪميونٽي مڊوائيفري جي ڪانٽريڪٽ ۾ 3 سالن جي واڌ ڪري ڇڏي

ڪراچي: سنڌ حڪومت 190 ڪميونٽي مڊوائيفري جي ڪانٽريڪٽ ۾ 3 سالن جي واڌ ڪري ڇڏي. لاڳاپيل اختيارين جي منظوري کان پوءِ ڪميونٽي مڊوائيفري جي ڪانٽريڪٽ واري مُدي ۾ 3 سالن جي واڌ بابت نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو.

ٺٽي ضلعي جي 13، خيرپور ضلعي جي 14، جيڪب آباد جي 15، ڪنڌڪوٽ جي 16، قمبر شهدادڪوٽ جي 16 ملازمن جي ڪانٽريڪٽ واري مُدي ۾ واڌ ڪئي وئي. ٽنڊو محمد خان جي 10، نوشهروفيروز جي 14، ٿرپارڪر ضلعي جي 12، بدين جي 15، هالا جي 15، گھوٽڪي جي 11 ملازمن جي مُدي ۾ واڌ سان گڏ ڄامشوري ضلعي جي 15 ملازمن جي ڪانٽريڪٽ واري مُدي ۾ واڌ ڪئي وئي.