مٿي ڦاٽل ماڻھن کي عباسي شھيد اسپتال نه آڻڻ جو حڪم

0
185
عباسي شھيد اسپتال
مٿي ڦاٽل ماڻھن کي عباسي شھيد اسپتال نه آڻڻ جو حڪم

عباسي شھيد اسپتال انتظاميا انوکو فيصلو ڪندي مٿي ڦاٽل ماڻھن کي اسپتال ۾ نه آڻڻ جو حڪم ڏنو آھي.

عباسي شھيد اسپتال ڪراچي جي ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر سيد عمير احمد انتظاميا کي خط لکي ڇڏيو آھي.

خط ۾ ايم ايل او ڊاڪٽر سيد عمير احمد چيو تھ اسان وٽ نيورو سرجري ۽ رات ۾ سي ٽي اسڪين جي سھولت ناھي، ايڌي ۽ ڇيپا ايمبولنس وارن کي چئو ته نيورو سرجري جا مريض اسان وٽ نه آڻين.

ڊاڪٽر سيد عمير تصديق ڪئي آھي تھ ھن انتظاميا کي اھا تجويز ڏني آھي، 12 سيپٽمبر تي نيورو سرجري جي سھولتون نه ھئڻ سبب نوجوان جي موت تي اھا تجويز ڏني وئي.

ايڌي جي ڪو آرڊينيٽر ڊاڪٽر عبدالغفار موجب عباسي اسپتال انتظاميا مٿي ۾ ڌڪ لڳل ماڻھن کي آڻڻ کان منع ڪري ڇڏيو آھي، ٻئي پاسي ڇيپا ويلفيئر بھ عباسي شھيد اسپتال ۾ مٿي ڦاٽل ماڻھن کي نه آڻڻ جي حڪم تي تصديق ڪئي آھي.

عباسي شھيد اسپتال ڪراچي جي ميڊيڪل سپرينٽينڊٽ جناح اسپتال جي انتظاميا کي بھ خط لکي چيو آھي ته عباسي شھيد اسپتال ۾ نيورو سرجري ڊپارٽمينٽ غير فعال آھي.