ڪنهن ڊيل تحت نه پر پيپلزپارٽي جي بهتر ڪارڪردگي ڏسي شامل ٿيا آهيون: مهتاب اڪبر راشدي 

0
556
پيپلزپارٽي جي بهتر ڪارڪردگي
ڪنهن ڊيل تحت نه پر پيپلزپارٽي جي بهتر ڪارڪردگي ڏسي شامل ٿيا آهيون: مهتاب اڪبر راشدي 

ڪراچي(رپورٽ: دودو چانڊيو) : فنڪشنل مسلم ليگ جي اڳوڻي ايم پي اي مهتاب اڪبر راشدي ۽ سندس گھر واري اڪبر راشدي پاڪستان پيپلزپارٽيءَ ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

فريال ٽالپر ۽ قائم علي شاهه جي موجودگي ۾ فنڪشنل ليگ ڇڏي پ پ ۾ شموليت جو اعلان ڪندي مهتاب اڪبر راشديءَ چيو ته اها پارٽي زنده رهي سگھي ٿي جنهن جون عوام ۾ پاڙون هجن. پيپلزپارٽي جون عوام ۾ پاڙون کتل آهن، اسان فيصلو سوچي سمجھي ڪيو آهي. هن چيوته اڄ کان پيپلزپارٽي سان گڏ آهيون،

آصف زرداري جي قيادت ۾ سنڌ ۽ پاڪستان لاءِ ڪم ڪرڻ چاهيون ٿا. اسان جي اچڻ يا وڃڻ سان فرق نٿو پوي، اسان پير صاحب پاڳاري کي پنهنجي هن فيصلي کان آگاهه ڪري ڇڏيو هو. اسان جي تڪ جي ماڻهن کي پ پ ۾ شموليت سان فائدو پهچندو. اسان ڪنهن به ڊيل تحت شامل نه ٿيا آهيون، پر پيپلزپارٽي جي بهتر ڪارڪردگي ۽ ان جو ڪم ڏسي شامل ٿيا آهيون.

هن چيو ته اسان فريال ٽالپر جا ٿورائتا آهيون، قائم علي شاهه شروع کان پارٽي سان گڏ آهي. اهو نظريي جو تسلسل آهي. پنهنجي صلاحيتن سان پارٽي کي واڌارو ڏينداسين.

ان موقعي تي ڳالهائيندي فريال ٽالپر چيو ته راشدي خاندان جي پ پ ۾ شموليت سان فائدو پهچندو، ٻيا به کوڙ ماڻهو جلد پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿيندا. پنجاب مان به ڪافي ماڻهو پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿي رهيا آهن. اسان سنڌ جي ماڻهن جي خدمت ڪئي آهي، ان ڪري چاهيون ٿا ته سڀئي سرگرم ۽ سٺا ماڻهو پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿين.

هڪ سوال جي جواب ۾ فريال ٽالپر چيو ته لاڙڪاڻي جي عباسي خاندان جي پ پ ۾ شموليت واري ڳالهه ۾ ڪا به صداقت ناهي. ان موقعي تي سعيد غني چيو ته پي ٽي آءِ جا ڪافي ايم اين اي پارٽي ۾ شامل ٿيڻ لاءِ تيار آهن.

پارٽي اجازت ڏئي ته اعلان ڪرايان. هن چيو ته سنڌ ۾ سياست ڪندڙ پارٽين جو مستقبل اونداهو آهي، پي ٽي آءِ کي خواريءَ واري شڪست ٿير هي آهي. جڏهن چاهيون پي ٽي آءِ جي ايم اين ايز کي شامل ڪرائي سگھون ٿا. ان موقعي تي صوبائي وزير سعيد غني، امتياز شيخ، ضياءُ الحسن لنجار، ندا کهڙو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.