چيلهار ويجهو تيز رفتار ڪوچ ڌنار کي چيڀاٽي ماري ڇڏيو

0
194
چيلهار ويجهو تيز رفتار ڪوچ
چيلهار ويجهو تيز رفتار ڪوچ ڌنار کي چيڀاٽي ماري ڇڏيو

مٺي: چيلهار ويجهو ڳوٺ جنجهيئر اسٽاپ وٽ تيز رفتار مسافر اي سي ڪوچ روڊ ڪناري تان ويندڙ ڌنار کي چيڀاٽي ماري ڇڏيو. مسافر ڪوچ ڳوٺ جنجهيئر جي ڳوٺاڻي ڌنار سوائي ميگهواڙ ۽ چيڀاٽڻ بعد ڪلٽي، 4 مسافر پڻ زخمي ٿي پيا.

ڌنار مال ڪاهي گهرن ڏانهن وڃي رهيو هو ته حيدرآباد کان چيلهار ايندڙ مسافر ڪوچ سان واقعو پيش آيو، ڌنار سوائي ميگهواڙ موقعي تي ئي فوت ٿي ويو. اطلاع بعد چيلهار پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ويئي زخمين  کي مقامي اسپتال منتقل ڪيو ويو.