حيدرآباد (رپورٽ: فيض کوسو) سنڌ حڪومت ۽ آءِ ايچ ايس ۾ معاملا طئي ٿي ويا، 16 ضلعن جي صحت سهولتن جو انتظام ٻيهر آءِ ايچ ايس حوالي، آءِ ايچ ايس پنهنجي نيڪالي ڏنل ملازمن کي ٻيهر ڊيوٽين تي گهرائي ورتو. سنڌ حڪومت ۽ اينٽيگريٽيڊ هيلٿ سروسز سنڌ وچ ۾ بجيٽ جا معاملا طئي ٿي ويا جنهن کانپوءِ سنڌ حڪومت 16 مختلف ضلعن جي ٻن تعلقه اسپتالن ۽ رورل هيلٿ سينٽرن جا انتظام آءِ ايچ ايس حوالي ڪري ڇڏيا. ان سلسلي ۾ سيڪريٽري صحت پاران 16 ضلعن جي مختلف صحت سهولتن جا انتظام ٻيهر سنڀالڻ لاءِ آءِ ايچ ايس جي انتظاميا کي خط لکيو ويو آهي جنهن جي بنياد تي آءِ ايچ ايس ٻيهر پنهنجي نيڪالي ڏنل ملازمن کي صحت سهولتن ۾ جوائننگ ڏيڻ جون هدايتون ڪيون ويون آهن. آءِ ايچ ايس پاران نيڪالي ڏنل ملازمن کي چيو ويو آهي ته هو پنهنجن پنهنجن صحت مرڪزن ۾ جوائننگ ڏين ۽ اتي ايندڙ مريضن کي صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. واضح رهي ته آءِ ايچ ايس ۽ سنڌ حڪومت ۾ بجيٽ جي معاملي تي معاملا خراب ٿيڻ سبب آءِ ايچ ايس 16 ضلعن جي صحت سهولتن جا انتظام سنڀالڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو ۽ 2 آڪٽوبر 2021ع تي هڪ ليٽر جاري ڪري 4 هزار کان وڌيڪ ملازمن کي هڪ ئي ڌڪ ۾ فارغ ڪري ڇڏيو هو. فارغ ڪيل ملازمن ۾ ڊاڪٽر، پيراميڊيڪل اسٽاف، ٽيڪنيشن، ايل ايڍ ويز، آيائون، سوئيپر، ڊرائيور ۽ ٻيو اسٽاف شامل هو. هاڻي ساڳئي اسٽاف کي ٻيهر جوائننگ جون هدايتون ڪيون ويون آهن ۽ کين چيو ويو آهي ته ڪانٽريڪٽ مطابق سندن پگهارون 6 آڪٽوبر کان جاري ڪيون وينديون.