لاڙڪاڻو (رپورٽ نادر ابڙو) صحت کاتي جي صوبائي وزير ڊاڪٽر عذره فضل پيچوهو جي شيخ زيد وومين ۽ شيخ زيد چلڊرين اسپتال آمد دوران ماڻهن پنهنجي ٻارن ۽ مريضن سان گڏجي احتجاج ڪيو، جنهن دوران احتجاج ڪندڙن صوبائي وزير جي گاڏي جو گهيراءُ ڪري زارون قطار روئيندا پڻ رهيا پر پروٽوڪول ۾ شامل پوليس اهلڪار متاثرن کي ڇڙٻون ڏيندي پري ڪرڻ ۾ مصروف نظر آيا.عذره پيچوهو چيو آهي ته آءِ ايڇ ايس جي ڪارڪردگي بهتر نه هئڻ جي ڪري اسان تعلقي سطح تي نئون پراجيڪٽ شروع ڪري رهيا آهيون جنهن ذريعي لاڙڪاڻي جي تعلقي اسپتالن جا انتظام پي پي ايڇ آءِ وارن حوالي ڪيا ويندا، جيڪي هفتي اندر انهن اسپتالن جا انتظام سنڀاليندا. شيخ زيد چلڊرين اسپتال ۾ والدين بيمار ٻارڙن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻي ايندا آهن جنهن سان ٻار جو موت واقع ٿئي ٿو اهو چوڻ اجايو آهي ته اسپتال ۾ ٻارڙا ڊاڪٽرن جي غفلت ۽ سهولتن جي کوٽ سبب فوت ٿيڻ ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه لاڙڪاڻي جي شيخ زيد چلڊرين ۽ ٻين اسپتالن جي دوري بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. صوبائي وزير چيو ته تعلقي اسپتالن کي پي پي ايڇ آءِ حوالي ڪرڻ جو مقصد وڏن اسپتالن مٿان بار گهٽ ڪرڻ آهي. هن چيو ته لاڙڪاڻي جي چانڊڪا ٽيچنگ اسپتال، شيخ زيد وومين ۽ شيخ زيد چلڊرين اسپتال ۾ بهتري لاءِ ماهر ٽيمون موڪليون وينديون جيڪي سمورن اسپتالن مان مسئلن جي نشاندهي ڪري انهن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا. هن چيو ته لاڙڪاڻي جي اسپتالن ۾ سرڪاري دوائن جي کوٽ ناهي مون اسٽور جو دورو ڪيو جتي دوائون موجود آهن. هن چيو ته اسان کي خبر آهي ته لاڙڪاڻي جي اسپتالن ۾ ڪيترائي مسئلا آهن، ڪورونا جي ڪري آءُ لاڙڪاڻي ڪونه اچي سگهيس هينئر ڪورونا جي ڪيسن ۾ گهٽتائي جي ڪري اسپتالن جو دورو شروع ڪيو آهي. هن چيو ته لاڙڪاڻي جي اسپتالن جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ پنهنجي عملي کي گڏ کڻي آئي آهيان سمورو عملو سرڪاري اسپتالن ۾ ڪم ڪندو ۽ ضرور اڳڀرائي ٿيندي. هن چيو ته لاڙڪاڻي جي سرڪاري اسپتالن مٿان مريضن جو تمام وڏو بار آهي جنهن ڪري جيترا بيڊ ۽ سهولتون فراهم ڪيو وڃن پر ان جي باوجود اسپتالن ۾ وڌيڪ سهولتون فراهم ڪرڻ جي ضرورت پوندي آهي. ان کان اڳ صوبائي وزير ڊاڪٽر عذره پيچوهو لاڙڪاڻي پهچي شيخ زيد وومين اسپتال، شيخ زيد چلڊرين اسپتال، ٻارڙن جي اسپتال ۾ قائم ايڇ آءِ وي سينٽر جو دورو ڪيو جتي هن صحت کاتي جي عملدارن کي هدايتون ڏنيون ته اسپتالن جي حالت کي بهتر بڻائڻ لاءِ اڃا به وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان بعد صوبائي وزير ٻارن جي مختلف سيڪشن جو دورو ڪيو جن ۾ ايس اين وارڊ، نيوٽرييشن، ڪي ايم سي، اي ايم سي، سڪ نيو بارن ڪيئر يونٽ، نيوٽريسشن اسٽيبلائزيشن ۽ اسپتالن جي مختلف وارڊن جو دورو ڪيو، جتي هن ٻارن جي وارڊ ۾ موجود مريضن، سندن وارثن توڙي ڊيوٽي ڪندڙ ڊاڪٽرن ۽ عملي کي بغير گلوز ۽ ماسڪ جي ڊيوٽي ڪندي ڏسي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي کين هدايت ڪئي ته وارڊ ۾ بغير ماسڪ ۽ گلوز جي ڊيوٽي ڪرڻ سخت منع آهي جنهن سان ڪورونا وائرس جي ڦهلاءُ جو خدشو آهي. ان موقعي تي صوبائي وزير شيخ زيد چلڊرين اسپتال جي هيڊ آف ڊپارٽمينٽ ڊاڪٽر سيف الله ڄامڙو مٿان به سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي کيس هدايت ڪئي ته اسپتال ۾ تمام گهربل سهولتون فراهم ڪرڻ سان صفائي سٿرائي جي نظام کي بهتر بڻايو وڃي جيئن مريضن توڙي سندن جي وارثن کي مشڪلاتون پيش نه اچن.