شڪارپور (رپورٽر) شڪارپور جي اسپتالن جو حال ڏسڻ لاءِ صحت کاتي جي صوبائي وزير عذرا پيچوهو گنگا ٻائي ۽ آر بي يو ٽي سول اسپتال جو دوري تي پھتي، صوبائي وزير جي دوري کان اڳ اسپتالن جي روڊن رستن کي صاف سٿرو بڻائي چوني بازي ڪئي وئي، دوري دوران صوبائي وزير امتياز شيخ، صحت کاتي جو سيڪريٽري ڪاظم جتوئي، پارلياماني سيڪريٽري محمد قاسم سراج سومرو ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا، صوبائي وزير عذرا پيچوھو مريضن جي شڪايتن ۽ اسپتال اندر سھولتن جي اڻھوند، دوائن، ڪولڊ چين مينٽين نه ھجڻ سبب ڪاوڙ جو اظھار ڪندي ڊي ايڇ او کي سخت هدايت ڪندي چيو ته دوائون جيڪڏهن گرميءَ ۾ رکيل هونديون ته جلد خراب ٿيڻ جو انديشو آهي، صوبائي وزير کي ڊي ايڇ او ۽ ٻين عملدارن پاران اسپتال ۾ سھولتون ڏيڻ ۽ گنگا ٻائي اسپتال جي ايراضي کي وڌائڻ لاء بريفنگ ڏني، ان موقعي تي صحت جي صوبائي وزير عذرا فضل پيچوھو چيو ته گنگاٻائي اسپتال جي ايراضي کي وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي ان سان گڏ اسپتال ۾ صحت جي سھولتن جي کوٽ کي پورو ڪيو ويندو. ھڪ سوال جي جواب ۾ عذرا پيچوھو چيو ته پيرا ميڊيڪل ملازمن جا مسئلا ڳالھين ذريعي حل ڪيا ويندا پ پ ملازمن جو قدر ڪندڙ پارٽي آھي ڪنھن کي به مايوس ٿيڻ نه ڏنو ويندو.