روس ۾ جھاز ڪري تباھ، 19 ڄڻا اجل جو شڪار

0
407

ڪراچي: روس جي تاتارستان واري علائقي ۾ ننڍو جھاز ڪري تباهه ٿي ويو، 19 ڄڻا فوت ٿي ويا آھن،

روسي ميڊيا موجب حادثي جو شڪار ٿيندڙ ايل 140 جھاز ۾ 22 جي لڳ ڀڳ ماڻھو سوار ھئا.

ميڊيا رپورٽس موجب حادثي ۾ 19 ڄڻا فوت ٿي ويا، ٽي زخمي ٿيا، روسي عملدارن موجب جھاز حادثي جا ڪارڻ اڃان تائين معلوم نھ ٿي سگھيا آھن، جاچ شروع ڪئي وئي آھي.