لاڙڪاڻي ۾ رتو ديرو عوامي اتحاد جي سڏ تي اڇا جهنڊا کڻي امن ريلي

0
158

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ رتو ديرو عوامي اتحاد جي سڏ تي اڇا جهنڊا کڻي امن ريلي ڪڍي وئي، سياسي سماجي ۽ مذهبي جماعتن سميت سول سوسائيٽي جي شرڪت، شهرين طرفان مختلف هنڌن تي امن ريلي جي مختلف هنڌن تي آجيان، گل نڇاور ڪيا ويا.

اڳواڻن چيو آهي ته قبيلائي جهيڙن سبب ويڙها ويران ٿي ويا، ڪيترين مائرن جون جهوليون خالي ٿي ويون، جن ٻارڙن جي هٿن ۾ قلم ۽ ڪتاب هُجڻ گهرجن، انهن جي هٿن هٿيار وڏو الميو آهي.