ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم جي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول چيو آهي ته ڪراچي شهر انهي پاليسي جو متحمل ٿي نٿو سگهي جو هڪ منصوبي تحت انهي کي گهٽ ڳڻيو وڃي، ڪراچي جي هلڻ سان ئي پاڪستان هلي پيو، سمورن طبقن ۽ قوميتن کي برابر سمجهي برابري جا موقعا فراهم ڪيا وڃن، ڪالهه ايم ڪيو ايم جي سالياني امدادي پروگرام کي خطاب ڪندي هن چيو ته اسان کي جڏهن به موقعو مليو ته هنگامي بنيادن تي تعليمي ايمرجنسي لاڳو ڪري علم جي حاصلات سڀني لاءِ آسان ڪنداسين، سنڌ حڪومت ڪراچي شهر کي وڏي بحران طرف نه ڌڪي، ٽن ڪروڙن کان وڌيڪ آبادي واري شهر ڪراچي ۾ ڪڻڪ سڀ کان وڌيڪ مهانگي آهي، گيس جو بحران صنعتن کي متاثر پيو ڪري، جنهن سان معيشت وڌيڪ متاثر ٿيندي، شهري ادارن کي سنڀالڻ جا اختيار شهر جي فرزندن کي ڏنا وڃن، هن چيو ته گذريل 40 سالن دوران ايم ڪيو ايم عوامي خدمت ڪندي رهي آهي، اسان بنا فرق جي خدمت تي يقين رکون ٿا، دنيا ۾ چيئرٽي ( خيرات ) جو سڀ کان وڏو مرڪز ڪراچي آهي، اسين ايمانداري سان مستحقن کي سندن درن تائين امداد پهچايون ٿا.