ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ منشيات فروشن  جي سرپرستي ڪندڙ  هڪ ڊي ايس پي ۽ 3 ايس ايڇ او معطل، بليڪ ڪمپني حوالي، ان ڏس ۾ آءِ جي سنڌ طرفان جوڙيل ٽاسڪ فورس جي سفارش تي ايس ڊي پي او شاهه بلڙي ڪريم سيد مجاهد حسين شاهه، ايس ايچ او ڪينجهر ڍنڍ بشير احمد، ايس ايچ او بدين انور لغاري ۽ ايس ايچ او سائيٽ حيدرآباد غلام حيدر شاهاڻي کي معطل ڪري رينج نيڪالي ڏئي ڪراچي ۾ بليڪ ڪمپني حوالي ڪيو ويو. ڄاڻايل ايس ايچ اوز جي حدن ۾ منشيات، گٽڪا ماوا ۽ مين پڙي وڪرو ڪندڙن خلاف ٽاسڪ فورس ڪارروايون ڪيون هيون، ٽاسڪ فورس آٰءِ جي سنڌ کي رپورٽ اماڻي ته ڄاڻايل ڊي ايس پي ۽ ايس ايچ اوز منشيات فروشن جي سرپرستي ۾ ملوث آهن.