ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر) سنڌ سرڪار پاران 10 هزار اسڪول نه ويندڙ شاگردن لاءِ  ڊجيٽل تعليم ڏيندڙ 125 مائڪرو اسڪول کولڻ جو فيصلو، ان ڏس ۾ سنڌ جي وڏي وزير جي صدارت هيٺ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي بورڊ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ٽيڪ دي ورلڊ فائونڊيشن جي تعاون سان شروع ڪيل ڊجيٽل لرننگ منصوبي جي منظوري ڏني وئي، اجلاس ۾ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي ايم ڊي قاضي ڪبير بريفنگ ڏيندي چيو ته ڏکڻ سنڌ جي 10 هزار اسڪول نه ويندڙ ۽ 2500 اسڪول ويندڙ ٻارن لاءِ پائلٽ پروگرام شروع ڪيو پيو وڃي، ڪاميابي جي صورت ۾ انهي کي سڄي سنڌ تائين  وڌايو ويندو، سنڌ حڪومت 42 هزار اسڪول هلائي پئي،  جڏهن ته سيف سان گڏيل طور تي 2,600 اسڪول هلائي ٿي. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سنڌ جي تعليم بحرانن کي منهن ڏئي رهي آهي يعني پهچ، معيار ۽ جوابداري جو بحران آهي. تازين ٻوڏن سبب صورتحال وڌيڪ خراب ٿي وئي آهي. اجلاس ۾ تعليم واري وزير سردار شاهه چيو  ته روايتي طريقي سان مخصوص وقت ۾ انهي بحران تي ضِابطو آڻڻ ممڪن ناهي. سنڌ ۾ 60 کان 70 لک ٻارن جو اسڪول نه وڃڻ جو ڪاٿو صحيح ناهي،   جيڪڏهن انهي ڪاٿي کي قبول ڪيو وڃي ته پوءِ انهن ٻارن کي تعليم ڏيڻ لاءِ اسان ک ڏيڍ لک  استاد ۽ 25 هزار نون اسڪولن جي ضرورت پوندي، سردار شاهه چيو ته ڊجيٽل ٽيڪنالاجي انهي بحران کي گهٽ وقت ۾ حل ڪرڻ جو سٺو موقعو فراهم ڪري ٿي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سيف ۽ ٽي ٽي ڊبليو ايف  جي تعاون سان ٻن مهينن اندر 100 ٻارن لاءِ مائڪرو اسڪول شروع ڪري سگهجي ٿو، في شاگرد تي 3500 رپيا في مهينو خرچ ٿيندو. جڏهن ته  105 ٻارن لاءِ  ٽي ٽي ڊبليو ايف  اِن – اسڪول پروگرامن تحت خرچ 1700 في شاگرد / في مهينو آهي. پروگرام جو انتظام هڪ سهولتڪار پاران ڪيو ويندو آهي، جيڪو هڪ هفتي کان گهٽ وقت ۾ سکيا ڏيندو. سنڌ جي وڏي وزير تجويز جي منظوري ڏيندي چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته منصوبي کي شروع ڪرڻ لاءِ فنڊ فراهم ڪيا وڃن. وڏي وزير ايس اي ايف چيف کي هدايت ڪئي ته ڪراچي ۽ حيدرآباد جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ جلد 125 مائيڪرو اسڪول شروع ڪيا وڃن.