ڪراچي/ اسلام آباد (نمائندن وٽان ) سنڌ حڪومت بحريا ٽائون ۾ ملڪيتن کي نقصان پهچڻ واري واقعي جي جاچ ۽ جوابدارن خلاف سخت ڪارروائي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ان ڏس ۾ سنڌ جي وزيراعليٰ سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته احتجاج ڪرڻ هر ڪنهن جو حق آهي، سنڌ حڪومت احتجاج ڪندڙن کي سهولتون ڏنيون، ٽينٽ هڻي ڏيڻ سان گڏ پاڻي پڻ مهيا ڪيو، اسان کين رڳو اهو چيو هو ته سپر هاءِ وي کي بلاڪ نه ڪجو، سنڌ ايڪشن ڪاميٽي وارن شروعاتي طور 2 ڪلاڪن تائين پنهنجو جلسو ڪيو، جڏهن ڪارڪنن روڊ بلاڪ ڪيو، تڏهن انتظاميا ڪارروائي ڪئي، ڪالهه اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته بحريا ٽائون جي ملڪيتن کي باهيون ڏيڻ جون وڊيوز پڻ موجود آهن، جنهن تي احتجاج ڪندڙ پشيمان به ناهن، هن چيو ته ڌرڻي باوجود ڪو جاني يا زخمي ٿيڻ جو ڪو واقعو پيش ناهي آيو، رڳو ملڪيتن کي نقصان ٿيو ، هن چيو ته بحريه ٽائون جيڪڏهن الاٽ ٿيل زمين کان ٻاهر ويندو ته ان کي روڪينداسين، ڪنهن سان به ناجائزي ٿيڻ نه ڏينداسين، بحريا ٽائون ڪراچي وارا جيڪي پئسا سپريم ڪورٽ ۾ جمع آهن اهي سنڌ حڪومت جا آهن، اهي پيسا ڪٿي خرچ ڪرڻا آهن؟ ان جو فيصلو سنڌ اسيمبلي ڪندي، هن چيو ته بحريا ٽائون ۾ ڀڃ ڊاهه سبب ڪيترو نقصان ٿيو آهي؟ ان بابت علم ناهي، هن وڌيڪ چيو ته ڪجهه عرصو اڳ لاهور ۾ هڪ سياسي جماعت احتجاج ڪيو، ان سبب سڄو صوبو بند ٿي ويو هو پر اسان ڪڏهن به اهو نه چيو ته صوبي جو معاشي نقصان ٿيو آهي، ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آءِ وارا گورنر راڄ ۽ الڳ صوبي جو جو راڳ آلاپيندا رهندا، سنڌ جو عوام ائين ٿيڻ ڪڏهن به نه ڏيندو، ٻنهي پارٽين جو اهو خواب پورو نه ٿيندو.ٻئي طرف سنڌ جي تعليم واري وزير سعيد غني ملير ضلعي جي ايم پي ايز ۽ اڳواڻن راجا رزاق، ساجد جوکيو، سليم بلوچ، لياقت آسڪاڻي، سلمان مراد سان گڏ بحريا ٽائون پهچي متاثر ٿيل ملڪيتن جو معائنو ڪري مالڪن سان ملاقات ڪئي،هن ڀڃ ڊاھ واري هنڌن جا تفصيل ورتا، ان موقعي تي صوبائي وزير سعيد غني چيو ته بحريا ٽائون ۾ ملڪيتن کي ٿيل نقصان جي مڪمل جاچ ڪرائي جوابدارن کي سخت سزا ڏني ويندي، سعيد غني چيو ته سنڌ حڪومت متاثرن سان گڏ آهي، آئون کين يقين ڏياريان ٿو ته ڪنهن به دٻاءُ ۾ اچڻ بجاءِ ملوث عنصرن خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي. جن ملڪيتن کي نقصان پهتو آهي سنڌ حڪومت انهن جي مالڪن سان مڪمل سهڪار ڪندي. هوڏانهن سنڌ اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي اطلاعات واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته بحريا ٽائون واقعي تي گرفتاريون ۽ ايف آءِ آر پڻ ٿيون آهن. بحريه ٽائون جي رهواسين کي هر طرح جو تحفط فراهم ڪيو ويندو، هن چيو ته احتجاج ڪرڻ هر ڪنهن جو حَق آهي پر ڪنهن کي بدمعاشي ڪرڻ نه ڏينداسين. صوبائي وزير چيو ته ڪالهه ملڪ خلاف جيڪي نعرا لڳا، انهن کي برداشت نه ڪيو ويندو، انهن خلاف سخت ايڪشن کنيو ويندو، هن چيو ته پاڪستان آهي ته اسان آهيون، اسان لاءِ سڀ کان پهريان پاڪستان آهي، اهو ڪڏهن نه ٿيندو ته پاڪستان خلاف ڳالهائي ۽ ان کي ڇڏي ڏنو وڃي. اسان جو جانيون، اسان جو سڀ ڪجهه پاڪستان تان قربان آهي. هن چيو ته اڄ سنڌي ڳالهائڻ وارن خلاف سنڌ اسيمبلي ۾ نفرت انگيز ڳالهيون ڪيون ويون، اهو محسوس ڪرايو ويو ته ڄڻ ٻئي طرف پاڪستان جا مخالف ويٺل آهن.آئون ريڪارڊ جي درستگي لاءِ تاريخي حقيقتون پيش ڪرڻ چاهيان ٿو، سنڌي ڳالهائڻ وارن ڪڏهن به وفاق خلاف ووٽ ناهي ڏنو. صوبائي اسيمبلي هجي يا قومي اسيمبلي، جنهن به پاڪستان خلاف ڳالهه ڪئي سنڌ جي عوام انهن کي رد ڪيو آهي.. هن چيو ته لساني ڳالهه ڪرڻ وارن ٻِين ماڻهن کي سندن زبان ڳالهائڻ وارن ووٽ ڏنو. هوڏانهن سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو ته اسان هر شخص جي احتجاج جي حق کي مڃون ٿا پر تشدد برداشت نٿو ڪري سگهجي، سنڌ حڪومت بحريا ٽائون ٻاهران مظاهرو ڪندڙن سان رابطو ڪري کين پر امن احتجاج جو حق ڏنو هو، بحريا ۾ پيش آيل واقعي تي افسوس آهي، هن چيو ته پوليس ايف آءِ آرون داخل ڪري 140 ماڻهو گرفتار ڪيا آھن. هن چيو ته ماڻهن کي ورغلائي وٺي ايندڙ ليڊر پاڻ ڀڄي ويا، وري واپس به نه موٽيا، هن چيو ته بحريا بابت سوال سپريم ڪورٽ کان پڇيا وڃن، ڇو ته بحريه جي ويليڊيشن سپريم ڪورٽ ڪئي آهي، هن چيو ته ايم ڪيو ايم وارا رڳو سنڌ حڪومت تي تنقيد ڪن ٿا، ايم ڪيو ايم وارن به يونيورسٽي لاءِ ملڪ رياض کان پئسا ورتا هئا . هن چيو ته بحريا ٽائون کي زمين ملهه ملندي رهندي ته ظاهري ڳالهه آهي، بحريا ٽائون وڌندو ويندو. شرپسندي ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، اسان ڳوٺاڻن واري مسئلي تي بحريا ٽائون انتظاميا خلاف به ڪيس داخل ڪري گرفتاريون ڪيون هيون.