ڪراچي (نمائندن وٽان) ڪورونا جا ڪلور: وڌيڪ 58 شهري فوت: 1490 نوان ڪيس سامهون آيا، ملڪ ۾ ڪورونا شرح 3.02 سيڪڙو تي پهچي وئي، ٻئي طرف سنڌ ۾ ڪورونا 8 حياتيون کسي ورتيون ، جڏهن ته پرڳڻي ۾ 707 نوان ڪيس ظاهر ٿيا. صوبي ۾ ڪورونا شرح 4.7 ۽ حيدرآباد ۾ 5 سيڪڙو رهي، ان حوالي سان وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو ته هن وقت 23870 مريضن جو علاج هلي رهيو آهي، جن مان 22980 گھرن، 25 آئسوليشن سينٽرن ۽ 865 مختلف اسپتالن ۾ داخل آهن. هن چيو ته 815 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، جن مان 80 مريض وينٽيليٽر تي آهن، ڪراچي ۾ 375، حيدرآباد ۾ 37، شهيد بينظير آباد ۾ 25، بدين ۾ 22، شڪارپور ۾ 21، قمبر ۾ 18، سانگھڙ ۾ 17، لاڙڪاڻي، سکر، ٺٽي ۽ سجاول ۾ 15_15، دادو ۽ ٽنڊي الهيار ۾ 14_14، ڪشمور ۾ 13، نوشهري فيروز ۾ 12، گھوٽڪي ۽ عمرڪوٽ ۾ 9_9، جيڪب آباد، مٽياري، ٿرپارڪر ۽ ڄامشوري ۾ 8_8، خيرپور ۽ ميرپورخاص ۾ 4_4 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن. هوڏانهن نوابشاهه جي سماجي شخصيت طارق مرزا ڪورونا وائرس سبب دم ڌڻيءَ حوالي ڪري ڇڏيو. طارق مرزا 20 ڏينهن کان پيپلز ميڊيڪل اسپتال نوابشاهه جي آئسوليشن وارڊ ۾ داخل هو، هوڏانهن اسلام آباد ۽ پنجاب ۾ ڪالهه کان اسڪول کلي ويا، ٻئي طرف وزيراعظم جي خاص معاون حافظ طاهر اشرفي ۽ رويت هلال ڪاميٽي جي چيئرمين مولانا عبدالخبير آزاد چيو آهي ته ڪورونا ويڪسين ۾ڪا غير شرعي شيءِ شامل ناهي، ويڪسين جي مخالفت ڪندڙ جاهل آهن
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ ڪورونا پابندين ۾ نرمي، مارڪيٽون هفتي ۾ 5 ڏينهن رات جو 8 وڳي تائين کليل رهنديون، تفريحي ماڳ کلي ويا، درگاهن، سينيمائن ۽ ٿيٽرن تي پابندي برقرار، بين الصوبائي پبلڪ ٽرانسپورٽ به 2 ڏينهن بند رهندي، سمورن آرگنائيزيشنن کي پنھنجي اسٽاف کي ٻن ھفتن ۾ ڪورونا ويڪسين لڳرائڻ جي ھدايت، گھروکاتي طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پرڳڻي ۾ ڪاروباري سرگرميون هفتي جا 5 ڏينهن رات 8 وڳي تائين جاري رھنديون، ڪراچي ۾ جمعي ۽ آچر تي ڪاروبار بند رهندو، جڏهن ته باقي 23 ضلعن ۾ لاڳاپيل ضلعي انتظاميا جمعي، ڇنڇر يا آچر تي 2 ڏينهن ڪاروبار بند ڪرائڻ بابت فيصلو ڪندي. صوبي جي سمورين آرگنائيزيشنن کي هدايت ڪجي ٿي ته اهي پنھنجي اسٽاف جي ٻن ھفتن ۾ ڪورونا ويڪسين ڪرائين. نوٽيفڪيشن موجب ھوٽلن کي رات جو 12 وڳي تائين آئوٽ ڊور ڊائننگ، ٽيڪ اوي ۽ ھوم ڊليوري سروس جي جازت هوندي سگھن ٿيون، بيڪري ۽ کير جي دڪانن کي به رات جو 12 تائين کليل رکڻ جي اجازت هوندي، نائين ڪلاس کان انٽر تائين تعليمي ادارا کوليا ويندا پر حاضري 50 سيڪڙو رکي ويندي، ، درگاھون، سينيمائون، جمنازيم، راندين جون سموريون سرگرميون، ٿيٽر ۽ شادي ھال بند رھندا، جڏهن ته سي ويو ۽ ھاڪس بي سميت ٻيا تفريحي ماڳ کولڻ جي اجازت ڏني وئي آهي. نوٽيفڪيشن موجب ڪراچي ۾ واپارين سان صلاح مشوري بعد جمعي ۽ آچر تي مڪمل لاڪ ڊائون برقرار رھندو، صوبي جي جي ٻين ضلعن ۾ به واپارين سان صلاح مشوري بعد جمعي، ڇنڇر ۽ آچر مان ڪي 2 ڏينهن مڪمل لاڪ ڊائون ڪيو ويندو، بين الصوبائي پبلڪ ٽرانسپورٽ تي ڇنڇر ۽ آچر تي پابندي برقرار رھندي