اسلام آباد (بيورو رپورٽ)قومي اسيمبلي ۾ حيدرآباد يونيورسٽي جي قيام، اسلام آباد يونيورسٽي جي قيام سوڌو هڪ ئي ڏينهن ۾ 10 بل اڪثريت راءِ سان منظور، جڏهن جبري طور ماڻهن کي لاپتا ڪرڻ واري عمل کي جرم قرار ڏيڻ لاءِ پيش ڪيل لاڳاپيل ڪاميٽي کي اماڻيو ويو تفصيل موجب قومي اسيمبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ انساني حقن جي وفاقي وزير شيرين مزارين جبري گمشدگين خلاف پاڪستان پينل ڪورٽ 1860ع ۽ ڪوڊ آف ڪرمنل پروسيجر 1898 ۾ ترميم جو بل پيش ڪيو، جيڪو لاڳاپيل ڪاميٽي کي اماڻيو ويو بل ۾ چيو ويو آهي ته هن بل کي فوجداري قانونن ۾ ترميم جو بل 2021ع جي نالي سان سڏو ويندو، بل ذريعي پاڪستان پينل ڪوڊ 1860ع ۾ نئون سيڪشن 52 بي شامل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته جيڪو رياستي ايجنٽ، شخص يا گروپ سان جيڪو رياست جي اجازت، معاونت يا ان جي رضامندي سان ماڻهن کي حراست ۾ وٺي ٿو، يا لاپتا ڪري ڇڏين ٿا ته اهڙا شخص قانون جي تحفظ کان ٻاهر تصور ٿيندا، ترميمي بل ۾ چيو ويو آهي ته جيڪو به پاڪستان اندر زبردستي يا غيراختياري ڪنهن کي لاپتا ڪرڻ جو سبب ٿئي ٿو ته اهو ڏوهه تصور ٿيندو ۽ اهڙي ڏوهه جي مرتڪب کي 10 سالن تائين قيد ۽ ڏنڊ جي سزا به ڏئي سگهبي، زبردستي يا غير اختياري طور تي ڪنهن کي غائب ڪندڙ جي گرفتاري بنا وارنٽ جي ڪري سگهبي،،جڏهن ته وفاقي حڪومت ايندڙ چونڊن ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي استعمال لاءِ جاري ڪيل آرڊيننس توڙي والدين جي تحفظ لاءِ جاري ڪيل آرڊيننس قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪري ڇڏيا، ان کانسواءِ قومي اسيمبلي هڪ ئي ڏينهن تي 10 مختلف ترميمي بل اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ورتا آهن، جن ۾ اسلام آباد يونيورسٽي جي قيام، حيدرآباد انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنيڪل مينيجمينٽ سائنسز بل 2021ع، نجڪاري ڪميشن آرڊيننس ۾ ترميم جو بل 2020ع ، عورتن جي ملڪيت ۾ حصي کي يقيني بڻائڻ لاءِ بل 2020ع، زرعي، تجارتي، صنعتي ايڪٽ 1973ع ۾ ۾ ترميم جو بل 2019ع، موسمي تبديلي ايڪٽ ۾ ترميم جو بل 2020، نيشنل ڪاليج آف آرٽ انسٽيٽيوٽ بل 2020ع، اقليتن جي ملڪيتن جي تحفظ جي بل 2020ع، فلاحي ادارن جي رجسٽريشن لاءِ ترميمي بل 2020ع، ٽيڪنيڪل تربيت بابت قومي ڪميشن ايڪٽ ۾ ترميمي بل 2021ع جي منظوري ڏني وئي، حيدرآباد يونيورسٽي جي بل تي سيد نويد قمر چيو ته منهنجو حيدرآباد سان تعلق آهي، حيدرآباد ۾ يونيورسٽي جي قيام جي آجيان ڪريان ٿو، هي يونيورسٽي رڳو شهري علائقن لاءِ نه هئڻ گهرجي، پر سڄي حيدرآباد لاءِ هجڻ گهرجي، اگر يونيورسٽي جي بورڊ ۾ ميئر حيدرآباد کي شامل ڪيو وڃي ٿو ته ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي چيئرمين کي به شامل ڪيو وڃي.