ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت سروسز، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ، ماحوليات ۽ ورڪس سميت 5 کاتن جي آفيسرن کي مٿين گريڊ ۾ ترقين جي منظوري ڏئي ڇڏي، ان ڏس ۾  چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت جي صدارت هيٺ ٿيل سليڪشن بورڊ ٽو جي اجلاس ۾ مجموعي طور تي 17 کاتن جي ڪامورن کي ترقيون ڏيڻ جي حوالي سان ايجنڊا رکيل هئي، ڪالهه سروسز، پبلڪ هيلٿ، قانون، ماحوليات سميت 5 کاتن جي ڪامورن کي 18هين ۽ 19 هين گريڊ ۾ ترقين جي منظوري ڏني وئي. سروسز کاتي جي ايڪس پي سي ايس گروپ جا 4 ڪامورا ايم بي راجا ڌاريجو، نويد لاڙڪ، شاهنواز سومرو ۽ ڪمال حڪيم دايو19 گريڊ ۾  ايڊيشنل سيڪريٽري ٿي ويا. چيف سيڪريٽري پاران باقي 12کاتن جي آفيسرن کي مٿين گريڊن ۾ ترقيون ڏيڻ لاءِ اجلاس کي اڄ تائين ملتوي ڪيو ويو آهي