ڄامشورو/سن (مير مرتضيٰ + شاھنواز شاھاڻي) جديد قومپرستي جي باني سائين جي ايم سيد جي 119 هين سالگرهه، سن ۾ ڇڪتاڻ، قانون لاڳو ڪندڙ  ادارن جي اهلڪارن ۽ ڪارڪنن ۾ چڪريون، فائرنگ، گرفتاريون، هڪ ڄڻو سخت زخمي، شهر کي ڪڙو چاڙهيو ويو، سڪيورٽي سخت، ان ڏس ۾ سن ۾ جديد قومپرستي جي باني سائين جي ايم سيد جي 119 سالگرھ  جو ڪيڪ ايس يوپي جي پنڊال ۾ ايس يوپي سربراھ سيد جلال محمود شاھ، سيد زين شاھ ، جونيئر جي ايم سيد، روشن ٻرڙو ۽ ٻين ڪيڪ ڪٽيو، ان موقعي تي ايس يوپي صدر سيد زين شاھ چيو ته پيپلز پارٽي رينجرس ۽ قانوني لاڳو ڪندڙ ادارن کي مس گائيڊ ڪري رهي آهي، اسان انهن قانوني ادارن  کي اپيل ٿا ڪريون ته  اسان جي پر آمن ڪارڪنن جي قافلن کي پر تشدد نه بڻايو وڃي، روشن ٻرڙو، امير آزاد پنھور ۽ شعبا  مغل چيو ته سائين جي ايم سيد جي سالگرهه ملهائڻ ڏوهه ناهي، قلم 144 لاڳو ڪري ڪارڪن گرفتار ڪري هيسايو پيو وڃي، ڊڄڻ وارا ناهيون، ايس يوپي مرڪزي اڳواڻ جگديش جو چوڻ ھو پوليس ۽ پيپلز پارٽي جي اڳواڻن جي ڳٽ جوڙ ڪري سن ۾ سالگرھ  جو ماحول خراب ڪيو ٿو وڃي، ٻي طرف سن ۾ سائين جي ايم سيد جي 119 سالگرهه تقريب دوران پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪارن جي وڏن اٽالن پاران جيئي سنڌ محاذ (رياض چانڊيو) جي پنڊال ۽ سائين جي ايم سيد جي مزار تي چڙهائي ڪئي، جنھن دوران ڪارڪنن ۽ پوليس ۾ چڪريون ٿي پيون، هوائي فائرنگ سبب ڀاڄ پئجي وئي، فائرنگ ۾ هڪ ڪارڪن محمد حنيف نهوڙيو زخمي ٿي پيو، جڏهن ته  مڇريل ماڻهون 2 پوليس موبائيلن کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو،  جنھن بعد پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران سن شھر کي بند ڪرايو ويو ۽ سن جي ايندڙ ويندڙ رستن تي سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪري ڪيترن ئي ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو. ڄاڻ موجب ته  سن طرف ايندڙ داخلي رستن تي پوليس ۽ قانون نافز ڪندڙ ادارن پاران سن آمري پل، سن روڊ ۽ درياهه واري پاسي ٻيڙن تي ايندڙ ڪارڪنن کي به  روڪيو ويو، ايس يوپي ڪارڪنن جو روڊ تي سخت احتجاج بعد  ڪارڪنن کي سن اچڻ ڏنو ويو ،  فائرنگ ۽ لاٺي چارج ڪري 15 کان 20 ڪارڪن  شھر مان گرفتار ڪيا ويا.