ڪراچي(م ڊ) پي ٽي آءِ جي اڳواڻ فردوس شميم نقوي چيو آهي ته جماعت اسلامي اسان جون 40 سيٽون چوري ڪيون، اسان ڪورنگي مان ضمني چونڊ کٽي اهو ڪيئن ممڪن آهي ته اتان هڪ به سيٽ حاصل نه ڪري سگهون، ٽائيم نيوز جي پروگرام ٽائيم لائن ۾ اينڪر پرسن اسد ممتاز رڏ جي سوال تي فردوس شميم نقوي وڌيڪ چيو ته جماعت اسلامي سدائين جنرلن جي ڪلهي تي هوندي آهي، ڪڏهن ضياءَ ته ڪڏهن مشرف جي ڪلهي تي هوندي آهي هاڻ به اسٽبلشمينٽ جي ڪلهي تي آيا آهن. انجنيئرنگ جو مطلب پ پ کي کٽرائڻ سان گڏ تحريڪ انصاف کي هارائڻ هو. هن چيو ته جماعت اسلامي ملڪ رياض جي ڏنل پئسن سان ڪروڙين رپين جي اليڪشن مهم هلائي، ملڪ رياض کي اسٽبلشمينٽ جي هڪ خاص ماڻهو پئسا ڏيڻ جو چيو هو.