ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ جي يونيورسٽيز اينڊ بورڊز کاتي پاران پرڳڻي جي مادرعلمين ۾ 20 هين گريڊ جي ڊائريڪٽر فنانس تي مقرر 12 اميدوار عدالت پاران ناپاس قرار ڏيڻ باوجود اهم عهدن تي برقرار، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب سنڌ ۾ يونيورسٽيز اينڊ بورڊز واري کاتي جي اختيارين پرڳڻي جي مادرعلمين ۾ ڊائريڪٽر فنانس جي 20هين گريڊ وارين 17 پوسٽن تي ٽن سالن جي مُدي تائين ڀرتين واسطي سال 2019ع جي فيبروري مهيني ۾ اخبارن ۾ اشتهار جاري ڪندي شرط رکيو هو ته آءِ بي اي ڪراچي جي انتظامن هيٺ ٽيسٽ وٺڻ جي نتيجي ۾ گھٽ ۾ گھٽ 50 سيڪڙو مارڪون کڻندڙ اميدوارن کي پاس قرار ڏئي شارٽ لسٽ ڪيو ويندو. ذريعن موجب سرچ ڪاميٽي پاران من پسند اميدوارن کي نوازڻ لاءِ 50 سيڪڙو مارڪن واري شرط ۾ نرمي ڪندي پهريائين 45 سيڪڙو ۽ بعد ۾ 40 سيڪڙو مارڪن کي لازمي قرار ڏنو ويو ، نئين فارمولا هيٺ 50 سيڪڙو کان گھٽ مارڪون کڻندڙ 13 اميدوارن ۽ 50 سيڪڙو کان وڌيڪ مارڪون کڻندڙ رڳو 3 اميدوارن کي ڪامياب قرار ڏئي کين مختلف يونيورسٽي ۾ مقرر ڪيو ويو، ٽيسٽ ۾رڳو 44 مارڪون کڻندڙ سيد زين العابدين شاھ کي سنڌ يونيورسٽي، 47 مارڪون کڻندڙ انيل ڪمار کي زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام ۽ نثار نوناري کي شاھ عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور، 46 مارڪون کڻندڙ نديم شڪور کي لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ڄامشورو ۽ آفتاب خان سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچي، 43 مارڪون کڻندڙ حفيظ صديقي کي پيپلز ميڊيڪل يونيورسٽي شهيدبينظير آباد، 44 مارڪون کڻندڙ وقاص علي کي بينظير ڀٽو ٽيڪنالاجي اينڊ اسڪل ڊولپمينٽ يونيورسٽي خيرپور، ڊاڪٽر دين محمد کي صوفي يونيورسٽي ڀٽ شاھ ۽ عامر بشير شهيد بينظير ڀٽو لا يونيورسٽي ڪراچي، 45 مارڪون کڻندڙ منير سيهڙ کي شهيد بينظير وٽينري يونيورسٽي سڪرنڊ، ۽ 48 مارڪون کڻندڙ شيخ محمد شبير کي دائود انجنيئرنگ يونيورسٽي ڪراچي ۾ 3 سالن لاءِ ڊائريڪٽر فنانس مقرر ڪيو ويو. جڏهن ته 47 مارڪون کڻندڙ سعيد محمد شيخ وري آءِ بي اي سکر ۾ ٽريزرر (خزانچي) واري عهدي تي مقرر ٿيل آهي. واضح رهي ته عدالت پاران حڪم ڏنو ويو هو ته اشتهار ۾ ڏنل شرطن موجب 50 سيڪڙو تائين مارڪون کڻندڙن کي ئي ڀرتي ڪيو وڃي پر سنڌ حڪومت عدالتي حڪمن جي لتاڙ ڪندي ڄاڻايل گھٽ مارڪون کڻندڙ اميدوارن کي هٽايو ئي ناهي ويو. ان سلسلي ۾ متاثر اميدوارن جو چوڻ آهي ته هاءِ ڪورٽ جي حڪم بعد سنڌ سرڪار سپريم ڪورٽ ۾ به اپيل داخل ڪرائي هئي پر سپريم ڪورٽ سنڌ حڪومت جي اپيل رد ڪري ڇڏي آهي.