ڊالر کي پر لڳي ويا : سون جي اگهه ۾ في تولي تي 1050 رپيا واڌ

0
325
ڊالر ۾ لاٿ برقرار:291 رپين تي پهچي ويو: سون ٻيهر 1900رپيا مهانگو
ڊالر ۾ لاٿ برقرار:291 رپين تي پهچي ويو: سون ٻيهر 1900رپيا مهانگو

ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ) ڊالر کي پر لڳي ويا: سون جي اگهه ۾ في تولي تي 1050 رپيا واڌ، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 1050 رپيا واڌ سان 109350 مان 110400 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن ته چاندي پڻ 20 رپيا اضافي سان 1400 مان 1420 رپيا ٿي وئي، سون ۽ چاندي ۾ واڌ سبب خريداري گهٽجي وئي آهي، ٻئي طرف اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 85 پئسا واڌ سان 154.4 مان 155.25 رپين تي پهتو، جڏهن ته پائونڊ وري 3 رپيا اضافي سان 218 مان 221 رپيا ٿي ويو، ٻئي طرف يورو 2 رپيا واڌ سان 188 مان 190 رپين تي پهتو ، ڊالر ، پائونڊ ۽ يورو جي اگهن ۾ واڌ سبب واپاري پريشان ٿي ويا آهن .