ڪراچي: ڊائريڪٽر فنانس جي عهدي لاءِ 50 سيڪڙو مارڪون کڻندڙ رڳو 4 اميدوارن کي نوڪريون مليون ! جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي ڪراچي ۾ ڊائريڪٽر فنانس طور مقرر ڪيل عابد رشيد، ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ مقرر ٿيل مجاهد شيخ، شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻي ۾ مقرر ٿيل فهد سلطان شيخ ۽ ڪراچي يونيورسٽي ۾ مقرر ٿيل طارق ڪليم 50 سيڪڙو يا ان کان مٿي مارڪون کنيون هيون ذريعن جو چوڻ آهي ته 50 سيڪڙو کان مٿي مارڪون کڻندڙ 14 کان وڌيڪ اميدوارن کي نظرانداز ڪيو ويو هو.