سنڌ جي مختلف علائقن ۾ برسات: موسم خوشگوار

0
387
سنڌ جي مختلف علائقن ۾ برسات:
سنڌ جي مختلف علائقن ۾ برسات: موسم خوشگوار

ڪراچي: سنڌ جي مختلف علائقن ۾ هلڪي ۽ گجگوڙ سان برسات بعد موسم خوشگوار ٿي وئي آهي

گهوٽڪي، ڪشمور، مديجي، راونتي، بهرام، قمبر، تنگواڻي، قادرپور ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي برسات پئي آهي

انتظامي لاپرواهي سبب رستن ۽ گهٽين تي برساتي پاڻي بيهجي وڃڻ سبب شهرين کي اچ وڃ ۾ ڏکائيون پيش اچي رهيون آهن

 برسات سبب بجلي ۽ مواصلاتي نظام پڻ ڊانواڊول ٿي ويو آهي، جنهن سبب عام ماڻهو سخت پريشاني کي منهن ڏئي رهيو آهي