وڌنڌڙ مهانگائي، پاڻيءَ جي کوٽ، مڪاني چونڊون !!

0
222
وڌنڌڙ مهانگائي، پاڻيءَ جي کوٽ، مڪاني چونڊون !!

   پاڪستان ۾ سياسي ۽ غير يقيني صورتحال جو عام ماڻهن جي زندگي تي وڏو بار پيو آهي جنهن جي ڪري مهانگائي بي قابو ٿي وئي آهي وقت جا حڪمران اعلان ڪري عوام کي ويتر ڊيڄاري رهيا آهن. ھڪڙن چيو اسان اقتدار ۾ ايندي ئي نئين پاڪستان کي مديني جي رياست بڻائينداسين انهن ڇا ڏنو ۽ ڇا کسيو اھو سمورو عوام کي معلوم آھي ۽ ٻين وري اھو چيو ته نئين پاڪستان وارن پراڻي پاڪستان جي عوام کان جيئڻ جو حق کسي ورتو آھي ھر روز مهانگائي وڌي رھي آھي ۽ ھر شيءِ جا اگھه آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳا آھن انهيءَ عمل کي ڏسندي پراڻي پاڪستان وارن گڏجي سڏجي نئين پاڪستان وارن کي جمهوري انداز سان ھٽائي ملڪ جون واڳون پنهنجي ھٿن ۾ ڪيون. اقتدار ۾ اچڻ کان پهريان ملڪ جي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جيڪي راڳ ڳايا ھئا انهن مان ڪنهن به ھڪ سُر تي ھو پورو لهي ڪين سگهيو ۽ آخرڪار ساڻس به اِھو ئي ٿيو جيڪو گذريل 75 سالن کان ھن ملڪ جي وزيراعظم جي عهدي رھندڙن سان ٿيو آھي.

“جي ھڪ تنهنجو واعدو وفا ٿي پوي ھا”

ملڪ جي موجوده وزيراعظم شهباز شريف سميت آصف علي زرداري، مولانا فضل الرحمان ۽ ٻين اقتدار ۾ اچڻ شرط جيڪي عوام سان واعدا ڪيا ھئا انهن کي ھِنن پاڻ ئي مڪمل رد ڪيو آھي ھيءُ اقتدار ۾ ايندي ئي ھڪ مهيني اندر ٽي دفعا تيل جي قيمتن ۾ خطرناڪ واڌ ڪري عوام جو رت ڪمند جي پوپي جيان چوسي ڇڏيو آھي. ھن ملڪ جي عوام جو جيئڻ محال بڻجي ويو آھي پورھيت، مسڪين ڏھاڙيدار مزدور ٻن ويلن جي ماني کائڻ لاءِ پريشان ٿي ويو آھي.

ڪارل مارڪس چيو آھي ته“جڏهن غريب ماڻهو مهانگائي جي ڪري آپگهات ڪرڻ لڳندا آهن ته سرمائيدار رسا ٺاهڻ ۽ وڪڻڻ جو ڌنڌو ڪرڻ شروع ڪندا آهن.” پيٽرول جي قيمت وڌي وڃڻ بعد صوبائي يا قومي اسيمبلي جي وزيرن مشيرن يا وري سرڪاري ملازم کي جيڪي مراعتون مليل آهن، ڇا اُهي انهن جون گهٽ ٿيون آھن؟ انهيءَ سوال جو جائزو ڪير وٺندو. ڇاڪاڻ ته اهو عوام جي ٽيڪس جو پئسو آهي، جيڪو حڪومتي وزيرن تي خرچ ٿيندو آھي ۽ انهن جي فضول چرپر ۽ قطارن ۾ ھلندڙ گاڏين جي قافلن ۾ سڙندڙ تيل ناھي ھوندو پر عوام جو رت سڙندو آھي. ڇاڪاڻ ته اهي غيرضروري قسم جا پروٽوڪول عوام لاءِ پريشانيءَ جو سبب بڻجي رھيا آھن. تيل جا اگهه وڌي وڃڻ سان عام ماڻهو جي زندگيءَ جي هر معاملو متاثر ٿيندو آهي. جنهن جي ڪري عوام سخت مايوس نظر اچي رهيو آهي ۽ حڪمرانن جي نيتن مان اِھو محسوس ٿي رھيو آھي ته ھو ايندڙ وقت ۾ اڃان به وڌيڪ عوام دشمن فيصلا ڪري عوام جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪيندي رهندا ۽ عوام جيسيتائين مزاحمت نه ڪندو تيسيتائين اھو ئي ڪجھه ٿيندو رھندو جيڪو ھو چاھين ٿا ڇو جو ھو اڇي ۽ ڪاري جا مالڪ بڻجي ڪرسيءَ کي مضبوطيءَ سان پڪڙي ويهي رھيا آھن.

سنڌ ۾ پاڻيءَ جي ھٿراڌو کوٽ ڪري سنڌ جي لکين ايڪڙ زمينن کي بنجر بڻائڻ جون سازشون سِٽي سنڌو درياءَ کي سُڪايو ويو آھي جنهن جي ڪري درياءَ ۾ پاڻي نه ھجڻ ڪري سنڌ جي ھارين، پورھيتن جو معاشي قتل ڪيو ويو آھي، ھاري جي زندگيءَ جو ڪاروھنوار فصل تي ئي ھوندو آھي وقت سر پاڻي نه ھجڻ ڪري اُھي فصل ناھن ٿي سگهيا نه صرف ايترو پر ڌرتيءَ جي وارثن جو چوپايو مال پاڻي نه ھجڻ ڪري بُک ۽ اڃ تي سڪي مري رھيو آھي. وقت بوقت سموري سنڌ اندر پاڻي جي کوٽ خلاف سنڌ جون، نياڻيون، امڙيون، ڀينرون، ڀائر ۽ حلالي فرزند سراپا احتجاج بڻيل آھن پر وقت جي حڪمرانن جي مٿي ۾ جونءَ ئي نه ٿي چري. سنڌ جي ماڻهن کي ھاڻي سنڌيت جي ناتي تي گڏ ٿي ڪري سنڌ جي دل مان گذرندڙ قومي شاھراھه کي سخت احتجاج جي صورت ۾ بند ڪرڻو پوندو ۽ اھو اوستائين بند ھجي جيسيتائين سموري سنڌ ۾ پاڻي اچي وڃي ۽ اسان جي سنڌ جا کيت آباد ٿي ڪري سرسبز ٿي وڃن. ڇاڪاڻ ته سنڌ جي ماڻهن وٽ ھاڻي مضبوط جهدوجهد جو واحد اھو ئي رستو وڃي بچيو آھي.

سنڌ اندر بلدياتي اليڪشن جون تياريون وڏي زور ۽ شور سان ھلي رھيون سنڌ جي ھر ڳوٺ واھڻ، وستي ۾ ڪارنر گڏجاڻيون ۽ جلسا جلوس ٿي رھيا آھن. بلدياتي اليڪشن ۾ ھڪ طرف پيپلزپارٽي ميدان ۾ لٿل آھي ته ٻئي پاسي مختلف پارٽيون ۽ آزاد اميدوار پڻ شامل آھن. گذريل 14 سالن ۾ پيپلزپارٽي سنڌ جي جيڪا ڀينگ ڪئي آھي اھا سنڌ جي ماڻهو کان ڳجهي ڪونهي. ڪڏھن ٻٽو نظام آڻي سنڌ کي تقسيم ڪيو ويو، سنڌ جا ٻيٽ ڀڳڙن جي مُٺ تي ھنن کپائي ڇڏيا ، دنيا جي مختلف ملڪن مان تڙيل ماڻهن کي ھنن سنڌ ۾ آباد ڪري انهن کي جديد قسم جون سهولتون ميسر ڪيون آھن، اقتدار جي لالچ خاطر لکين افغاني پٺاڻن کي ھنن سڃاڻپ ڪارڊ ٺاھي ڏنا آھن جيئن ايم پي اي، ايم اين اي جي سيٽ سميت ٽائون چيئرمين، يوسي چيئرمين کان ويندي ڪائونسلر تائين باآساني سان کٽي سگهجي، بحريا ٽائون جي نالي تي لکين ايڪڙ زمين ڌرتي جي وارثن کان لٽي ۽ ڦري وئي آھي. سنڌ جو ڪوئلو، تيل، گئس، گري نائيٽ پٿر کان ويندي ڪارونجهر جو سونو پٿر ھنن پڻ کپائي سنڌ کي ڪنگال ڪيو آھي.

سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ ڌارين ماڻهن جي مخصوص ڪوٽا مقرر ڪري ڌرتيءَ ڌڻين کي پوئتي ڌڪيو ويو آھي، نه صرف ايترو پر سيوهڻ کان وٺي ڄام شورو جي روڊ جي ٻنهي پاسن کان سنڌ جي ترقي جي نالي ۾ مختلف اسڪيمون جُوڙي سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي تائين انهن اسڪيمن مان ڌارين ماڻهن کي فائدو ڏنو پيو وڃي. سنڌ جي نالي تي سنڌين کي اھڙي ترقي نه ٿي کپي جيڪا سنڌ دوست نه پر سنڌ دشمن آھي. انهن سمورن عملن خلاف جيڪڏھن سنڌ جا پٽ آواز اٿاري رھيا آھن ته انهن کي مختلف طريقن سان ھيسائي دٻائي خاموش ڪرايو ٿو وڃي. منهنجي سنڌ جي غيرتمند پٽن، امڙن، ڌيئرن ۽ ڀينرن کي اپيل آھي ته ھن بلدياتي اليڪشن ۾ پنهنجي پنهنجي ڳوٺ، واھڻ، وستي ۽ شهر ۾ حڪمران جماعت جي مقابلي ۾ جنهن به پارٽي جو اميدوار بيٺو آھي ان جا ھٿ مضبوط ڪري انهيءَ کي کٽرايو وڃي جيئن سنڌ جا ڳوٺ ۽ ٻهراڙيون جيڪي پيپلزپارٽي جي 14 سالن کان بنيادي سهولتن کان بلڪل محروم آھن انهن کي اپگريڊ ڪري سگهجي ۽ سنڌ جا ماروئڙا پنهنجي جنت جهڙي ڌرتيءَ تي جنهن کي  وقت جي حڪمرانن  دوزخ بڻائي ڇڏيو آھي انهيءَ دوزخ واري باھه کي وسائي سک جو ساھه کڻي سگهن.