عدالتي ڪميشن ۾ جونيئر ججز جي مقرري تي ڳڻتي آهي: جسٽس(ر) مقبول باقر

0
241
عدالتي ڪميشن ۾ جونيئر ججز جي مقرري
عدالتي ڪميشن ۾ جونيئر ججز جي مقرري تي ڳڻتي آهي: جسٽس(ر) مقبول باقر

ڪراچي: سُپريم ڪورٽ جي اڳوڻي جج، رٽائرڊ جسٽس مقبول باقر چيو آهي ته اعليٰ عدليه ۾ ججز مقرري جو طريقيڪار اثرائتو هجڻ گهرجي، بينچز جي جوڙجڪ ۽ ڪيسز تي ٻڌڻي جو طريقو به شفاف هجڻ گهرجي

ڪراچي ۾ هاءِ ڪورٽ بار ائسوسيئيشن کي خطاب دوران مقبول باقر چيو ته 70 سالن کان مختلف تجربا ڪري رهيا آهيون، هاڻي به نه سُڌرياسين ته ازالو نه ٿيڻ جوڳو نقصان ٿيندو

هن چيو ته عدالتي ڪميشن ۾ جونيئرز جي مقرري تي بار ۽ وڪيلن کي ڳڻتي آهي، حساس ڪيسز تي ٻڌڻي لاءِ آزاد ججز هجڻ گهرجن، آئين ۽ پارليامينٽ کانسواءِ ڪير به طاقتور ناهي

جسٽس(ر) مقبول باقر چيو ته تڪڙو ۽ سستو انصاف هر شهري جو حق آهي، اُن لاءِ عدليه ۽ وڪيل برادري ٻنهي کي گڏيل طور ڪردار ادا ڪرڻو پوندو