سنڌ جي مختلف شهرن ۾ زرعي ۽ پيئڻ جي پاڻيءَ جي کوٽ خلاف ٻئي ڏينهن به مظاهرا ۽ ڌرڻا

0
379
سنڌ جي مختلف شهرن

ڪراچي: سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پاڻيءَ جي کوٽ خلاف ٻئي ڏينهن به مظاهرا ۽ ڌرڻا، جروار، اڏيرو لال ۽ جوهي ۾ آبادگار رستن تي نڪري آيا آھن، پاڻيءَ جي سنگين کوٽ خلاف احتجاج ۽ ڇتي نعريبازي ڪئي پئي وڃي

 ڪنري ۾ پاڻي چوري روڪڻ لاءِ رينجرز جا جيسر واهه تي ڇاپا، پاڻي چوري ڪرڻ جي الزام هيٺ 4 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيوويو، ٺٽي، بدين توڙي ٻين شھرن ۾ پاڻي کوٽ جي سنگين صورتحال ٿي وئي آھي، سوشل ميڊيا تي سنڌ ۾ پاڻي کوٽ خلاف ٽرينڊ ھلايو پيو وڃي، وفاق توڙي سنڌ سرڪار خلاف سخت تنقيد جاري آھي

ٻئي پاسي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته 91 واري پاڻي ٺاهه تي عمل نه پيو ٿئي، گذريل سال به سنڌ جَي پاڻي جو حصو وڌيڪ ڪٽيو ويو، پاڻي ڊيمز ۾ ذخيرو نه ڪيو وڃي ته جيئن خريف جَي فصل دوران پاڻي ملي سگهي

 ذخيرو ڪيل پاڻي اسان کي ملي ته کوٽ تي ضابطو آڻي سگهون ٿا، سکر بئراج جَي دوري دوران وڏي وزير پاڻي کوٽ بابت بريفنگ ورتي ۽ چيو ته، پاڻي چوري روڪڻ لاءِ رينجرز کان مدد وٺي رهيا آهيون، سکر بيراج جهڙو ٻيو بيراج ٺاهڻ لاءِ پيسا ڪٿان اچن؟

ھي به پڙھندا

سنڌ ۾ پاڻيءَ جي سنگين کوٽ خلاف آبادگار سراپا احتجاج