سرباز 8 هزار ميٽر بلند 10 چوٽيون چڙهندڙ پهريون پاڪستاني بڻجي ويو

0
368
سرباز 8 هزار ميٽر

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستاني جبل چاڙهو سرباز علي خان دنيا جي ٽئين بلند ترين چوٽي ڪن چن جونگا چڙهي اهم اعزاز پنهنجي نانءُ ڪري ورتو

سرباز خان 8 هزار ميٽر کان بلند 14 چوٽين مان 10 چوٽيون چڙهندڙ پاڪستان جو پهريون جبل چاڙهو بڻجي ويو آهي. هنزه سان تعلق رکندڙ سرباز خان گذريل ڏينهن ڪن چن جونگا جي ڪيمپ فور تي پهتو هو. سرباز ان کان اڳ نانگا پربت، ڪي ٽو، لوٽسي، بروڊ پيڪ،مناسلو، اناپورنا، ايوريسٽ، گيشر برم ۽ داولا گيري چوٽيون چڙهي چڪو آهي.