لاڙڪاڻي ۾ ممتاز مولائي جي دعويدار زال جو خرچ نه ڏيڻ خلاف احتجاج

0
375

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) سنڌ جي ناليواري فنڪار ۽ شاعر ممتاز مولائي جي گهرواري هجڻ جي دعويٰ ڪندڙ زرينه بلوچ لاڙڪاڻي ۾ پنهنجي 11 ورهين جي نياڻي پارس سان گڏجي صحافين آڏو دانهيندي چيو ته مونسان تقريبن 20 سال اڳ ممتاز مولائي شادي ڪئي هئي، جنهن مان ٻن نياڻين جي اولاد آهي

هن الزام هنيو ته ممتاز مولائي پاران مونکي گهران ڪڍڻ بعد مان لاڙڪاڻي جي مقامي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي، عدالت مڙس ممتاز مولائي کي خرچ لاءِ هر مهيني 10 هزار رپيا ڏيڻ لاءِ چيو هو جيڪي گذريل ٽن مهينن کان وٺي نه ڏئي رهيو آهي جنهن ڪري اسان بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهيون، جڏهن ته نياڻي پارس جي تعليم پڻ متاثر ٿي رهي آهي

هن وڌيڪ الزام لڳايو ته خرچ جا پئسا گهرڻ تي مڙس ممتاز مولائي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي. هن وس وارن کان تحفظ ۽ انصاف جي گهر ڪئي.