سنڌ ۾ پاڻيءَ جي سنگين کوٽ خلاف آبادگار سراپا احتجاج

0
271
سنڌ ۾ پاڻيءَ جي سنگين کوٽ
سنڌ ۾ پاڻيءَ جي سنگين کوٽ خلاف آبادگار سراپا احتجاج

سنڌ ۾ پاڻيءَ جي سنگين کوٽ خلاف آبادگار سراپا احتجاج، نيو سعيد آباد ويجهو قومي شاهراهه تي ڌرڻو، ڌرڻي سبب نيو سعيد آباد کان هالا تائين ٽريفڪ جام ٿي وئي

هزارين مسافر پريشان، ڇتي نعريبازي، ڪنري، خيرپور، جهنڊو مري ۽ ٻين علائقن ۾ به مظاهرا، پير وسڻ ۾ بااثر زميندارن پڇڙيءَ جو پاڻي بند ڪرڻ لاءِ شاخ ۾ پٿر اڇلائي ڇڏيا، ڪنري ۾ پاڻي چوري روڪڻ لاءِ رينجرز جا اهلڪار پهچي ويا

ڪوٽڙي بيراج وٽ پاڻيءَ جي کوٽ وڌي 59 سيڪڙو ٿي وئي، ڪوٽڙي بيراج مان نڪرندڙ ڪي بي فيڊر، اڪرم واهه ۽ ڪمبائينڊ چينل مان رڳو پيئڻ جو پاڻي فراهم ٿيڻ لڳو، زرعي مقصدن لاءِ پاڻيءَ جي فراهمي بند، ماهرن خبردار ڪندي چيو آهي ته پاڻيءَ جي کوٽ جاري رهي ته فصلن کي ڪاپاري ڌڪ لڳندو