صوبائي وزير شرجيل ميمڻ عمران خان جي گرفتاريءَ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

0
283
عمران خان جي گرفتاريءَ جو مطالبو
صوبائي وزير شرجيل ميمڻ عمران خان جي گرفتاريءَ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

ڪراچي: صوبائي وزير شرجيل ميمڻ عمران خان جي گرفتاريءَ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

 ڪراچي ۾ اورينج لائين منصوبي جو جائزو وٺڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي شرجيل ميمڻ چيو ته عمران خان ڪالهوڪي جلسي ۾ ڪارڪنن کي منحرف ميمبرز خلاف پرتشدد ڪارروائين جون سرعام هدايتون ڏنيون

 وفاقي سرڪار کي فوري ڪارروائي ڪندي عمران خان کي گرفتار ڪرڻ گهرجي، ڪراچي ۾ هاڻي سمورا منصوبا جنگي بنيادن تي مڪمل ڪيا ويندا

 اورينج لائين جون بسون ڪجهه ڏينهن اندر ڪراچي پهچي وينديون، 30 مئي تائين ٽريڪس جي تعمير به مڪمل ڪئي ويندي

صوبائي وزير سعيد غني به چيو آهي ته عمران خان ملڪ ۾ گهرو ويڙهه ۽ رتوڇاڻ ڪرائي ٿو، عمران خان آزاديءَ لاءِ نه پر فرح گوگي کي بچائڻ لاءِ لانگ مارچ ڪري رهيو آهي