واپڊا چيئرمين رٽائرڊ ليفٽيننٽ جنرل مزمل حسين عهدي تان استعيفا ڏئي ڇڏي

0
226
وزيراعظم شهباز شريف

واپڊا چيئرمين رٽائرڊ ليفٽيننٽ جنرل مزمل حسين عهدي تان استعيفا ڏئي ڇڏي، وزيراعظم ڏانهن لکيل خط ۾ مزمل حسين چيو آهي ته ذاتي ۽ خانداني مجبورين سبب عهدي تي وڌيڪ ڪم جاري رکي نه ٿو سگهان

واپڊا چيئرمين پنهنجي خط ۾ چيو آهي ته ديامير ڀاشا ڊيم، داسو ڊيم ۽ ٻين منصوبن تي منهنجي ٽيم مختصر عرصي دوران غير معمولي ۽ شاندار ڪم ڪيو

مزمل حسين چيو ته اهي غير معمولي ڪاميابيون حڪومت ۽ سپريم ڪورٽ جي سهڪار ۽ دلچسپي سبب ممڪن بڻيون، ڪجهه ڏينهن اڳ وزيراعظم شهباز شريف ۽ واپڊا چيئرمين وچ ۾ ڀاشا ڊيم تان جملن جي ڏي وٺ به ٿي هئي