سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جو صوبي ۾ پاڻيءَ جي بدترين کوٽ جو اعتراف

0
278

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه صوبي ۾ پاڻيءَ جي بدترين کوٽ جو اعتراف ڪندي چيو آهي ته کوٽ مٿان کان آهي

سيوهڻ ۾ ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته پاڻيءَ جي کوٽ جو مسئلو حل ڪرڻ لاءِ اڄ سکر ۾ گڏجاڻي ڪري رهيو آهيان، مسئلي جو ڪو نه ڪو حل ڪڍي وٺنداسين

وڏي وزير چيو ته ڄامشورو سيوهڻ روڊ خوني روڊ بڻيل آهي، اڳوڻي وفاقي سرڪار کي ڪيترائي ڀيرا چيو پر روڊ جي تعمير نه ڪئي وئي، هاڻوڪي وزيراعظم شهباز شريف کي به روڊ جي تڪڙي تعمير لاءِ چيو آهي، ايندڙ سال روڊ جي مرمت وارو ڪم مڪمل ٿي ويندو