سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پئٽرول اگهن ۾ واڌ خلاف مظاهرا ۽ ڌرڻا

0
255

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پئٽرول اگهن ۾ واڌ خلاف مظاهرا ۽ ڌرڻا، وفاقي حڪومت پاران پئٽرول اگهن ۾ واڌ بعد عوام جي چيلهه چٻي ٿي وئي،  سنڌ  جي مختلف شهرن ۾ مظاهرا ۽ ڌرڻا ھنيا ويا آھن

پئٽرول اگهن ۾ واڌ خلاف ڪوٽ غلام  محمد، ٽنڊو رحيم خان،ڦل، مبارڪپور  سميت مختلف شهرن ۾ مظاهرا جاري آھن، مظاھرين جو  چوڻ  آھي تھ پئٽرول اگهن ۾ واڌ سبب مهانگائي اڃا  وڌندي، غريب طبقو ٻه ويلا ماني کان  اڳ ئي محروم ٿي چڪو آهي

مظاھرين جو چوڻ ھو تھ پئٽرول اگهن ۾ گهٽتائي آڻي ڳاٽي  ٽوڙ مهانگائي تي ضابطو آندو  وڃي، ٻي صورت ۾ مظاھرن جو سلسلو تيز ڪيو ويندو

ھي به پڙھندا

سينيٽ ۾ اپوزيشن جو پيٽروليم شين جي اگهن ۾ ڌڙاڌڙ واڌ خلاف احتجاج ۽ گوڙ