ون ڊي ۽ ٽيسٽ رينڪنگ: امام الحق ڪوهلي کان ٻي، جو روٽ لبوشين کان پهرين پوزيشن کسي ورتي

0
224
ون ڊي ۽ ٽيسٽ رينڪنگ:

دبئي ( اسپورٽس نيوز) آءِ سي سي نئين ون ڊي رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي، جنهن ۾ پهرين نمبر تي قومي ٽيم جو ڪپتان بابر اعظم برقرار آهي، جڏهن ته امام الحق ويرات ڪوهلي کان ٻي پوزيشن کسي ورتي. انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل طرفان جاري ڪيل نئين رينڪنگ موجب بابر اعظم بدستور پهرين پوزيشن تي برقرار آهي

جڏهن به ٻئي نمبر تي امام الحق کيس جوائن ڪري ورتو آهي. پاڪستاني اوپنر امام الحق اڳوڻي ڀارتي ڪپتان ۽ سپر اسٽار بيٽسمين ويرات ڪوهلي کي پٺتي ڇڏيندي ٻي نمبر پوزيشن تي قبضو ڪري ورتو آهي. هڪ ڏينهن واري ڪرڪيٽ ۾ ڪيوي فاسٽ بالر ٽرينٽ بولٽ جي ٽاپ پوزيشن برقرار آهي. ٻي پوزيشن تي آسٽريلوي فاسٽ بالر جوش هيزل ووڊ آهي

جڏهن ته ٽئين نمبر تي ڪيوي بالر ميٽ هينري جو آهي. شاهين آفريدي جو چوٿون نمبر برقرار آهي، پنجين نمبر تي ڀارت جو جسپريت بمرا موجود آهي جڏهن ته افغانستان جي مجيب الرحمان جي ڇهين پوزيشن آهي

هوڏانهن ٽيسٽ رينڪنگ ۾ انگلينڊ جي جو روٽ آسٽريليا جي مارنس لبوشين کان پهرين پوزيشن کسي ورتي، اسٽيو سمٿ ٽئين، بابراعظم چوٿين ۽ ڪين وليمسن پنجين نمبر تي موجود آهن. بولنگ ۾ پيٽ ڪمنز پهرين ۽ روي چندرن ايشون ٻئي نمبر تي برقرار آهن. جسپريت بمراه، شاهين شاهه آفريدي ۽ ڪگيسو ربادا هڪ هڪ درجو ترقي سان ترتيبوار ٽئين چوٿين ۽ پنجين نمبر تي اچي ويا