شهري آءِ ٽي جي نوڪري ڇڏي گڏهن جي فارم مان لکين رپيا ڪمائڻ لڳو

0
433
شهري آءِ ٽي جي نوڪري ڇڏي

نئين دهلي (انٽرسٽنگ نيوز) ڀارت ۾ هڪ شهري آءِ ٽي جي نوڪري ڇڏي گڏهن جي فارم مان لکين رپيا ڪمائڻ لڳو. ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب رياست ڪرناٽڪا سان تعلق رکندڙ 42 سالن جي سري نواس گوڙا ڪناڊقا ضلعي جي هڪ ڳوٺ م 8 جون تي گڏهن جو فارم جو باقاعده آغاز ڪيو آهي

اهو ڪيرالا جي ارنا ڪولم ضلعي کانپوءِ ملڪ جو ٻيو وڏو گڏهن جو فارم آهي. سري واس بي اي گريجوئيٽ آهي، هن 2020ع تائين هڪ سافٽ ويئر ڪمپني ۾ ڪم ڪيو پر بعد ۾ اهو ڇڏي ڏنو ۽ ڳوٺ م 2.3 ايڪڙ جي جاءِ تي گڏهن جو فارم کوليو. سري نواس موجب گڏِهن جو کير مهانگو، لذيز ۽ هن کي دوائن ۾ استعمال ڪري سگهجي ٿو ان لاءِ هن اهڙو فيصلو ڪيو