رنبير ڪپور ڪرن جوهر جي پروگرام ۾ اچڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

0
182
رنبير ڪپور ڪرن

ممبئي (شوبز نيوز) ڪرن جوهر پنهنجي مشهور ٽي وي پروگرام “ڪافي ود ڪَرن” سان ٻيهر جلوا ڏيکارڻ لاءِ تيار آهي، پر بالي ووڊ اداڪار رنبير ڪپور کيس پهريان منع ڪري ڇڏيو آهي ته کيس پروگرام ۾ نه گهرايو وڃي

ڪرن جوهر مقامي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته رنبير ڪپور چيو آهي ته کيس پروگرام ۾ اچڻ تي ڪيئي مسئلن کي منهن ڏيڻو پوندو آهي، پاڻ سان ائين نه ڪرڻ گهرجي، مهرباني ڪري مونکي ان شو ۾ نه گهرايو وڃي

  واضح رهي ته رنبير ڪپور هڪ بيان ۾ چيو هو ته ڪرن اسان ذريعي پئسو ٺاهي رهيو آهي، اسان هتي هڪ دفعو ايندا آهيون پوءِ سڄو سال پروگرام ۾ ڪيل ڳالهين سبب اسان کي تنقيد جو نشانو بڻايو ويندو آهي