حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ سان تعلق رکندڙ مختلف جماعتن پنجاب پاران تونسا،پنجند لنڪ ڪئنال ذريعي سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هڻڻ واري عمل تي سخت احتجاج ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي فراهم ڪيو وڃي. قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو هڪ بيان ۾ چيو ته ارسا پاڻي جي چوري ۾ سھولتڪار آھي، جيڪو پاڻي موجود آهي اهو به عام آبادگارن کي نٿو ملي. سنڌ جا وزير، ايم پي اي ۽ ايم اين اي زبردستي پاڻي چوري ڪري وڃن ٿا ۽ آبپاشي کاتو سڀ کان وڌيڪ ڪرپٽ کاتو ٿي ويو آهي. سنڌ حڪومت پاڻي چورن جي سرپرست آھي، جنھن 14 سالن کان سنڌ جي زراعت کي بدحال بڻائي ڇڏيو آهي. عوامي جمهوري پارٽي جي صدر ڪرم حسين وساڻ ۽ ٻين چيو ته ارسا چيئرمين پاران سنڌ جي پاڻي تي پنجاب حڪومت کي ڌاڙو ھڻڻ جي اجازت ڏيڻ ۽ ارسا ۾ سنڌ جي نمائندگي ڪندڙ ميمبر زاھد جوڻيجو جي توھين واري واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا. سنڌ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ آهي ته پنجاب حڪومت غير قانوني طرح چشما جھلم ڪئنال ۽ تونسا، پنجند ڪئنال کولي سنڌ ۽ بلوچستان جي حصي جو پاڻي چوري ڪيو پيو وڃي. اهو عمل سنڌ ۾ زرعي تباھي ۽ شھري آبادين لاءِ پاڻي جي کوٽ جو سبب بڻجي رهيو آهي. لاڙ جي پٽي ۾ انسانن ۽ جانورن کي پيئڻ جو پاڻي به ميسر ڪونهي. ارسا جي نئين سر جوڙجڪ ڪئي وڃي ۽ ان جي چيئرمين هميشه ننڍن صوبن مان مقرر ڪيو وڃي.