ڪلوئي/ ڏيپلو (نمائندا) ڪلوئي تعلقي جي ڳوٺ ڪمالو ھالا ۾ ساھرن ناري کي مارڪٽ ڪري گھران ڪڍي ڇڏيو. زخمي ناري کي تعلقي اسپتال ڏيپلو ۾ داخل ڪيو ويو، جتي ناري جامان ھالو پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته منھنجو مڙس ابراھيم ۽ ڏير سچو، علي گلاب ۽ منھنجو سھرو سڀني گڏجي مارڪٽ ڪري سخت زخمي ڪرڻ کان پوءِ مون کي گھر مان ڪڍي ڇڏيو آهي ھن الزام ھڻندي چيو ته منهنجو مڙس غير عورت ويھاري ويٺو آهي، منع ڪرڻ تان مون کي تشدد بعد تڙي ڪڏيو ويو.