لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ڀرسان آريجا ڦيڙهو ٿاڻي جي حد ڪوٺي ڪلهوڙو ويجهو پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مقابلي دوران ٻن اهلڪارن جي شهادت ۽ 3 ڏوهارين جي مارجڻ واري واقعي جو ڪيس سرڪار پاران پوليس اهلڪار معشوق بروهي جي فرياد تي مارجي ويل 3 ڏوهارين طارق جوڻيجو، خالد مستو ۽ قادر عرف قادو ڪٽوهر مٿان داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته مقابلي ۾ زخمي پوليس اهلڪار کي عبدالواحد چانڊيو جي حالت خراب ٿيڻ سبب کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪراچي اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي، پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل ڏوهارين مٿان مختلف ٿاڻن تي ڌاڙن، ڦرن سميت سنگين نوعيت جا ڪيس داخل آهن، هوڏانهن مارجي ويل 3 ڏوهارين جا لاش سندن پيرسن مائرن حوالي ڪيا ويا، جنهن ۾ خالد مستوئي جو لاش شھداد ڪوٽ، طارق جوڻيجي جولاش ڪنگا ڳوٺ ۽ قادن ڪٽوهر جو لاش ڳڙھي خيرو نيو ويو. ٻي طرف مقابلي دوران ڀرپاسي جي علائقن جي رهواسين پاران ڏوهارين خلاف ڪارروائي ۾ پوليس سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي مدد ڪندڙ ڳوٺاڻن پيارو خان مگسي ۽ حڪيم داد بروهي سميت ۽ ٻين ڳوٺاڻن کي ايس اي پي عمران قريشي پاران گلن جا هار پارايا ۽ پوليس پاران کين سلامي پيش ڪئي، ان موقعي تي ايس ايس پي عمران قريشي ٻڌايو ته گذريل ڏينهن اهلڪارن کي شهيد ڪندڙ ڏوهارين خلاف ڪارروائي ۾ ڳوٺاڻن پوليس سان گڏجي مقابلي ۾ ڏوهاري مارايا، جن پوليس جي مدد ڪري انسانيت جو فرض نڀايو آهي، جنهن تي ڳوٺاڻن جو شڪريو ادا ڪيون ٿا. پوليس موجب ڳوٺاڻا مدد نه ڪن ها ته ڏوهارين کان اهلڪارن جو پلاند نه وٺي سگهون ها.