سنڌ جي رٽائرڊ ملازمن کي گروپ انشورنس ڏيو

0
142
سنڌ جي رٽائرڊ ملازمن کي گروپ انشورنس ڏيو

سپريم ڪورٽ آف پاڪستان پاران، 2018 ۾ ھڪ فيصلو ڏنو ويو هو ته، سمورن صوبن جي رٽائرڊ ملازمن کي، گروپ انشورنس جي رقم، گريڊ وائيز، رٽائرڊ ٿيڻ وقت ڏني وڃي. افسوس سان لکڻو پوي ٿو ته، ان عدالت جي حڪم تي ڪي، پي ڪي، بلوچستان، پنجاپ، ۽ وفاق ته عمل ڪري ڇڏيو، پر سنڌ صوبي جا رٽائرڊ ملازم انهيءَ پنهنجي امانت طور رکيل رقم کان ھن وقت تائين محروم آهن، ھونئن به، ھر صوبائي اداري ۾ جڏهن به، ڪا پگهار جي واڌ ۽ فائدي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو آهي ته، ٻين صوبن ۾ انھي تي جلدي سان عمل ٿي ويندو آهي، پر سنڌ جا ملازم سدائين، احتجاج، جلسا، جلوس، بک ھڙتالن جي صورت اختيار ڪرڻ کان بعد، جڏھن کين ڳوڙها آڻيندڙ گيس جا شيل ۽ لٺيون ھڻي جيل ۾ واڙي، ان کان بعد، ٻين صوبن وارو، ساڳو عمل ڪيو ويندو آهي، جيڪا سنڌ جي سمورن ادارن جي ملازمن سان، نا انصافي، ظلم بربريت، ڏاڍ ۽ انتھائي بيواجبي، ۽ غير اخلاقي غير قانوني عمل آهي. اسين سنڌ سرڪار ج ۽ ادارن جي سڀني سيڪريٽريز کان پر زور گهر ڪريون ٿا ته اسان کي اسانجي امانت طور رکيل رقم جيڪا گروپ انشورنس ۽ بينيوولينٽ فنڊ جي مد ۾ اسانجي پگهارن مان ڪٽوتي ڪئي وئي آهي، اھا، بنادير ڏيڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي،اسان اولڊ سٽيزنس عوام جي بيچيني ختم ڪئي وڃي. (فيس بوڪ وال تان ورتل)