جهيمل شاخ جي پُڇڙي ۾ پاڻي ڏيو

0
173
جهيمل شاخ جي پُڇڙي ۾ پاڻي ڏيو

گَجرا واھه مان نڪرندڙ جهيمل شاخ جي پُڇڙي ۾ زرعي پاڻي جي هٿرادو کوٽ جئين جو تئين برقرار آهي، ڄاڻايل شاخ کي گذريل 6 مهينن دوران پاڻي جو هڪ ڍُڪ به نصيب نه ٿيو آهي،جنهن سبب هزارين ايڪڙن تي مشتمل زمينون بنجر بڻجي رهيون آهن، ڪاهيل فصل سُڪي ٺوٺ ٿي ويا آهن شاخ ۾ واري اُڏامڻ ڪري آبادي وارن علائقن ۾ ڏڪار واري صورتحال آهي.اسان مسڪين زرعي پاڻي جي حاصلات لاءِ سراپا احتجاج بڻيل آهيون گذريل 10 ڏينهن کان نوابشاھ پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هڻي پاڻي لاءِ ٻاڏائي رهيا آهيون پر آبپاشي عملدار منڍ جي زميندارن کي پاڻي وڪرو ڪري پڇڙي وارن جو پاڻي بند ڪري ڇڏيو آهي، هتي جَر جو پاڻي کارو ۽ شاخ جو ڇُڙيو پاڻي بند هجڻ ڪري هڪ پاسي چوپايو مال، پکي پکڻ اُڃ وگهي مري رهيو آهي ته ٻئي پاسي پوکي نه ٿيڻ سبب ٻچن جو پيٽ پالڻ مشڪل بڻجي ويندو، جهيمل شاخ جي پُڇڙ ۾ پاڻي ڇڏيو وڃي. (عزيز کوسو جو واٽس ايپ ميسيج)