سنڌ جي اليڪشني سياست ۽ اشوز تي جدوجهد

0
157
سنڌ جي اليڪشني سياست ۽ اشوز تي جدوجهد

’اصول‘ ۽ ’آدرشون‘ ته اسانکي جلدي سمجھه ۾ اچي ٿيون وڃن پر بدلجندڙ وقت ۽ حالتن آهر ’حڪمتِ عمليون‘ جوڙڻ اسانجي ڏاهپ جو سڀ کان ڏکيو امتحان هونديون آهن، سياسي جماعتون جڏهن عملي سياست، اليڪشني سياست ۽ اتحادي سياست جي ميدان ۾ لهن ٿيون تڏهن کين ڏينهن جا تارا نظر اچي ويندا آهن. سنڌ جي اليڪشني ۽ اتحادي سياست ۾ وڏين مصلحتن سان اڳتي وڌڻو پوي ٿو. اُن وقت ’اڻ-ڌريو‘، ’غير جانبدار‘، ’اصول پرست‘ ۽ ’آدرشي‘ ٿي رهڻ خيالي ڳالهيون لڳنديون آهن. سنڌ جي سياسي ميدان ۾ اڪيلي سِر جدوجهدن جي ميدان ۾ هلڻ، اڳتي وڌڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. ۽ اِشو پالٽڪس ۾ قدم قدم تي شديد مُخالفن سان به هڪ يا ٻن نڪتن تي سهڪار لاءِ ۽ گڏجي هلڻ لاءِ هٿ وڌائڻو پوي ٿو. ‘قومي جدوجھد ‘،  ’طبقاتي جدوجهد‘، ‘جمھوري جدوجھد ‘ ۽ ‘سامراج خلاف جدوجھد ‘ کي هڪٻئي کان ڪٽي ڏسڻ،  ۽ ڪنھن ھڪ نعري کي ٻئي نعري سان قدرتي ۽ فطري جوڙ ۽ ڳانڍاپي کي سمجھڻ بنا،

انھن جي هڪٻئي تي پوندڙ اثرن کي سمجھڻ بنا، صرف جذبات جي وھڪري ۾ وھي، صرف ھڪطرفو منظر سامھون رکي حڪمتِ عمليون جوڙڻ جو ئي نتيجو اھو ٿو نڪري ته اڪثر اسان گپ ۾ ڦاسي ٿا پئون. انھن سڀني نعرن کي سمجھي انھن جي گانڍاپي کي سامھون رکندي، توازن سان موقف به رکڻو پوي ٿو ته گڏوگڏ حڪميت عملي به جوڙڻي پوي ٿي. اشوز تي، اليڪشني مرحلن ۾ ۽ اتحادي پالٽڪس ۾ ڪيئن ڏکين ۽ اڻوڻندڙ مرحلن مان گُذرڻو پوي ٿو؟ سا ڳالھه اهوئي سمجھي سگهي ٿو جيڪو اهڙن مرحلن مان گذريو هجي. اهڙن ئي مرحلن مان گذرندي ڪارڪنن کي اندازو ٿي ويندو آهي ته جن کي اسان جاگيردار، بنياد پرست يا شدت پسند سڏيون ٿا، نفرت جو اظهار ڪريون ٿا تن سان ڪيئن ڪِن اشوز تي سهڪار لاءِ هٿ وڌائڻو پوي ٿو. جن به قائدين ۽ ڪارڪنن جو اتحادي، اليڪشني ۽ عملي سياست جي ميدان مان گذر ٿيو هوندو تن کي اها ڳالھه ضرور سمجھه ۾ اچي وئي هوندي ۽ جيڪي ان ميدان ۾ نوان آھن انهن کي به سُتت ئي سمجھه ۾ اچي ويندي ته اسانجي عملي سياست، اليڪشني سياست ۽ اشوز تي جدوجهد لاءِ اتحادي سياست جا پنهنجون ضرورتون ۽ گھرجون ٿين ٿيون. (فيس بوڪ وال تان ورتل)