سوال/سروي سخت معاشي فيصلن کان بهتر آهي ته فوري طور عام چونڊون ڪرايون وڃن: عوام

0
130
سوال/سروي سخت معاشي فيصلن کان بهتر آهي ته فوري طور عام چونڊون ڪرايون وڃن: عوام

  ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته فوري اليڪشن يا سخت معاشي فيصلا ڪجن؟ حڪومت کي ڪهڙا قدم کڻڻ گهرجن؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته سخت معاشي فيصلا ڪرڻ بدران عوام کي رليف ڏنو وڃي ۽ جلد چونڊون ڪرايون وڃن، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي عبدالغفور سروهي لکيو ته پي ڊي ايم جماعتن کي عمران خلاف سازش ڳچيءَ ۾ پئجي وئي، هي سڀئي گڏجي به حڪومت هلائڻ ۾ بري ناڪام ويا، هاڻي هي ڦاٿا آهن. تجربيڪار هجڻ باوجود حڪومت نه هلائي سگهڻ مان صاف ظاهر آهي، هي پاڻ ۾ به ٺهيل ناهن، وزارتن توڙي ٻين مفادن سبب اتحاد پهرين ڏينهن کان اندروني رساڪشي جو شڪار آهي، گل حسن شر لکيو ته فوري اليڪشن ڪرائي وڃي پرائي مينڊيٽ تي وڏا فيصلا نه ٿي سگھندا آھن يا ته ٻاھر موڪليل پيسو واپس آڻي ملڪ کي پنھنجي پيرن تي بيھاريو پوءِ عوام به مقبوليت وڌندي، محسن ملاح لکيو ته سخت معاشي فيصلا ڪرڻ کان بهتر آهي ته وفاقي سرڪار فوري طور چونڊن جو اعلان ڪرائي عوام دوست حڪومت قائم ڪئي وڃي جنهن ۾ عوام کي وڌ کان وڌ فائدو حاصل ٿي سگهي، عابد ڀٽي لکيو ته بلڪل ڊالر جو ريٽ تمام مٿي پيو وڃي ، حڪومت هلائڻ مشڪل ٿي پيو آهي هنن ٻڏندڙ ٻيڙي ۾هٿ وڌو آهي ، اليڪشن ٿيڻ کپي، نياز ڪلوئي لکيو ته اليڪشن بھترين آپشن آهي جيڪو کٽي اچي اھو پنج سالا پاليسيون جوڙي،

ممتاز علي سميجو لکيو ته ملڪ جي معاشي صورتحال انتهائي خراب آهي، خادم سومرو لکيو ته عمران خان جي حڪومت هئي ته چون پيا اسان اقتدار ۾ اچون هاڻي وري چوڻ ٿا ته اسان کان حڪومت زور آهي، حاڪم ڪٽوهر لکيو ته حڪومت کي گهرجي ته فوري اليڪشن ڪرائي، فضل سبزوئي لکيو ته بلڪل اليڪشن ٿيڻ گهرجي عوام ھاڻي وڌيڪ بار برداشت نه ڪري سگهندو، مير سڪندر سولنگي لکيو ته جلد اليڪشن ڪرائي وڃي، مختيار ميمڻ لکيو ته بلڪل اليڪشن طرف وڃجي نگران سيٽ اپ آندو وڃي، سيف لکيو ته هتي اليڪشن نه ٿيندي آھي، سمير احمد لکيو ته اليڪشن ڪرائي وڃي، ممتاز علي لاکو لکيو ته هڪ مهانگائي ٻيو وري اليڪشن الله کي پارت آهي، نادر ابڙو لکيو ته هن وقت ملڪ نازڪ صورت حال مان گذري رهيو آھي اليڪشن وقت تي ڪرايون وڃن پهريان موجوده حڪومت معيشت کي بهتر ڪري ڇو جو هن وقت ملڪ اليڪشن جو بار نه کڻي سگهندو تنهن ڪري معيشت کي بهتر ڪرڻ اول ترجيح هجڻ گهرجي، ربنواز خان به سروي ۾ حصو ورتو، وحيد ڳاهو لکيو ته ملڪ جي بهتري اليڪشن ۾ ئي آھي ، اقتداري ڌرين کي پنهنجا مفاد پاسي تي رکي عوام ۽ ملڪ لاءِ بهتر فيصلا ڪرڻ گهرجن .

عبدالهادي لکيو ته پي ڊي ايم مڪمل طرح سان ناڪام ٿي چڪي آهي انهن ملڪ کي نقصان ڏنو آهي هاڻي اليڪشن ئي ان جو حل آهي، اسامه سنڌي به سروي ۾ حصو ورتو، خادم رند لکيو ته اصل ۾ اسٽيبلشمينٽ عمران خان جي حڪومت ختم ڪرائي اتحادين خاص طور ن ليگ کي وڏي امتحان ۾ وجهي ڇڏيو آھي. جيتوڻيڪ ملڪ کي شديد بحران مان ڪڍڻ آسان ڪم نه آھي پر پوءِ به نين چونڊن وارو دڳ نسبتن بهتر رھندو. زاهد حسين لکيو ته جلد اليڪشن ڪرائي وڃي ته سڀ مسئلا بھتر ٿيندا، ثناءُالله چنا لکيو ته جيڪڏهن فوري اليڪشن ئي مسئلي جوحل آهي ته پو اليڪشن ڪرائي وڃي، اشفاق چانڊيو به راءِ جو اظهار ڪيو، علي گوهر سومرو لکيو ته حڪومت قدم پوئتي ڪرڻ گھري ٿي اڳتي وارو خيال ختم ٿي ويو، عبداللطيف نهڙيو لکيو ته موجوده صورتحال ۾ جلد اليڪشن جو اعلان ڪري چونڊون ڪرايون وڃن پوءِ جنھن کٽيو تنھن جي حڪومت اچي اقتدار سنڀالي، عبدالحئي ساوند لکيو ته بهتر رهندو ته اليڪشن طرف وڃن ان سان عمران خان جو احتجاجي سلسلو ماٺار ۾ اچي ويندو، هر پارٽي اليڪشن جي پراسز ۾ هلي ويندي، اليڪشن جو فيصلو ڪرڻ گهرجي، اسد انڍڙ ۽ غلام نبي چنا به سروي ۾ حصو ورتو، علي حسن مري لکيو ته فوري اليڪشن ٿيڻ گھرجن،

راجا مهر لکيو ته بهتر رهندو ته اليڪشن طرف وڃن ان سان عمران خان جو احتجاجي سلسلو ماٺار ۾ اچي ويندو، هر پارٽي اليڪشن جي پراسز ۾ هلي ويندي، اليڪشن جو فيصلو ڪرڻ گهرجي شهباز شريف کي، شيراز چانگ لکيو ته حڪومت کي سٺي پاليسي مرتب ڪري ملڪ کي مشڪل حالتن مان ڪڍڻ گھرجي، مخالفن کي عوام ۾ مقبول نه ٿيڻ نه ڏئي. جنيد جمالي لکيو ته ھجڻ ته ائين گھرجي ته ملڪ جو وڌندڙ قرض شھباز شريف کان ڀرائجي .ھڪ منتخب ھلندڙ ملڪي سسٽم کي ختم ڪري. عوام کي مھانگائي جي ڌٻڻ ۾ اڇلائي ھينئرچوي پيو ڇا ڪجي..ھنن جي نا اهلي جي ڪري پاڪستاني عوام لوڙي پئي. طارق علي باجڪاڻي لکيو ته ڀلي سخت معاشي پاليسيون لاڳو ڪري مگر چور دراوازي کان آيل وزيراعظم کان ملڪ ھلائڻ مشڪل آهي، محبوب علي جلالاڻي لکيو ته حڪومت کي گهرجي جلدي اليڪشن ڪرائي وڃي معاشي حالتن کي پڻ منهن ڏجي، وقار حسين لکيو ته معيشيت کي بهتر ڪرڻ لاءِ جتن ڪرڻ گهرجن هن وقت حڪومت ۾ اها سگهه ناهي جو اليڪشن جو بار کڻي وڌيڪ معيشيت کي نقصان رسائڻ کان بهتر آهي ڪا حڪمت عملي جوڙي وڃي،

ڌرمون مل لکيو ته غريبن کي رليف ڏنو وڃي، صاحب خان ڪلمتي لکيو ته اليڪشن طرف ويندا ڪا به سياسي جماعت پنهنجي ووٽ ۾ ڪمي نه آڻڻ جي ڪوشش ڪندي، نياز خاصخيلي لکيو ته معاشي بحران جو حل چونڊن ۾ ڪونه ٿيندو حڪومت کي معاشي بحران ختم ڪرڻ لاء سخت فيصلا ڪرڻا پوندا ۽ بھتر اھو ٿيندو ھن حڪومت کي گھرجي عوام کي سبسڊي ڏيئي ملڪي معيشيت کي بھتر بڻائڻ لاءِ سجيدگي سان سوچڻ گھرجي، ياسر کٽياڻ لکيو ته فوري طور تي اليڪشن ته پي پي ۽ نواز ليگ کي مشڪلاتن سان منهن ڏيڻو پوندو ڇو ته هاڻي ڊالر آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيو آ هنن عمران خان کي هٽائي وڏي غلطي ڪئي آهي، جاويد جان لکيو ته ملڪي حالات خراب آھن منسٽر پنھنجون پگھارون گھٽ ڪن ملڪي غير ملڪي دورن تي خرچ گھٽ ڪرڻ گھرجي،

رئوف عباسي لکيو ته ھنن ڪھڙي خيال کان حڪومت ورتي، سخت فيصلن مان مراد ڇا آھي ؟ الياس سمون لکيو ته هي سڀ هڪجهڙا آهن، عبدالوحيد چنا لکيو ته ملڪ تباھي ڏانھن پيو وڃي ڊالر جو اگھه وڌندو پيو وڃي حڪومت کي گھرجي ته فوري اسيمبليون ٽوڙي نيون چونڊون ڪرايون وڃن انھي ۾ ئي پاڪستان جي بھتري آھي، انور ڪلوئي لکيو ته سخت فيصلا ڪرڻا پوندا، صدام ڪلهوڙو لکيو ته ڪجهه ڪونه ٿيندو وري نئين اليڪشن ٿيندي پاڪستان جي معاشي حالت خراب آھي، صغير خان، دادالله بلوچ به سروي ۾ حصو ورتو، محمد اسماعيل لانگاهه لکيو ته فيصلو اهڙو ٿيڻ کپي جنهن ۾ غريب عوام متاثر نه ٿئي، هميشه سياسي حڪومتن پنهنجي ناقص پاليسين جا سخت فيصلا ڪري غريب عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو جيڪو سلسلو ستر ورهين کان جاري آهي هاڻي ايئن نه ٿيڻ کپي.