سنڌ جي آڳاٽي سائنس جو ٻاهر ڪيئن فائدو ورتو ويو؟

0
470

عراق جا به سنڌ سان عجب قسم جا حوالا آهن. اهو عراق ئي آهي جتان حجاج بن يوسف 711ع ۾ پنهنجي نوجوان ڀائٽيي محمد بن قاسم کي سنڌ فتح ڪرڻ لاءِ موڪليو ۽ ايئن عربن پاران ٿيل حملن ۾ اهو فيصلائتو حملو ثابت ٿيو، سنڌ پنهنجي حڪمراني وارو حق وڃائي ويٺي. ٻيو حوالو وري ان ساڳئي ملڪ عراق جو سنڌ سان علمي پيار وارو آهي پر ان کان اڳ ميسوپوٽيا ۽ سنڌو تهذيبن جو به سٻنڌ رهيو آهي. جڏهن المنصور خليفو هو ۽ هُو بصرا ۾ موجود هو ته هن فلڪياتي سائنس لاءِ “سِڌانتا” نالي سنسڪرت ۾ لکيل هڪ ڪتاب گهرايو، جنهن بابت اڄ جا ڪي سائنس جي تاريخ لکندڙ تاريخدان ته ملڪ انڊيا ٿا لکن پر اٺين صدي عيسوي ۾ انڊيا جي نالي سان ملڪ نه هو. پر سنڌو انڊس جي نالي سان هئي. (اهو هڪ الڳ بحث آهي.) ان ڪتاب جي نالي مان ظاهر آهي ته اهو ڪتاب سنڌ ۾ لکيو ويو ۽ سنڌ مان ئي ويو. ڪتاب جڏهن عراق پهتو ته ان کي ترجمو ڪرايو ويو ۽ ان جو نالو “زيج السنداند الڪبير” رکيو ويو جيڪو بعد ۾ “زيج السند هند الڪبير” طور سامهون آيو. اهو ڪتاب 770ع واري ڏهاڪي ۾ پهتو. وڪيپيڊيا موجب ان ڪتاب جو موضوع “سنڌاند جون عظيم فلڪياتي جدولون” آهي. اهو ڪم ڪهڙن فلڪياتي ماهرن ڪيو اهي نالا به ناهن مليا. ڪتاب جو ترجمو فلڪياتي ماهر محمد الفزاري ڪيو هو. سائنس ۽ فلسفي جي تاريخ لکندڙ اسپين سان تعلق رکندڙ حسابن جي ماهر سعد الاندلسي جو چوڻ آهي ته ان ڪتاب تي البغدادي ۽ الخوارزمي به ڪم ڪيو. اندلسي موجب ان جي معنى “ڦرندڙ وقت يا لامحدود وقت” آهي. ڪتاب جا 37 باب آهن. جنهن ۾ سج ۽ چنڊ جي چر پر جا 116 چارٽ ٺهيل آهن ۽ ان سان گڏ ان وقت چنڊ سميت جن پنجن سيارن جي ڄاڻ هئي انهن جي چر پر جي وقتي جدول ڏنل آهي. اٺين صدي عيسوي ۾ مسلمان سائنسدانن جو عروج ڏانهن وڌڻ جو وقت هو خاص ڪري فلڪيات، حساب ۽ فلسفي ۾ سندن شايد ئي ڪو مٽ هجي. سنڌ مان ويل اهو ڪتاب ان ڪري به انهن لاءِ سولو ٿيو هوندو جو اٺين صدي عيسوي ۾ لڳ ڀڳ ان سموري خطي ۾ مسلمانن جي اچ وڃ سولي ٿي چڪي هئي. عرب پاڻ به موجود هئا.
سنڌ جي فلڪياتي سائنس جو رڳو اهو نه پر ٻيا به مثال آهن. هڪ هزار عيسوي دوران ٺٺو علم جو وڏو مرڪز هو. عام خيال اهو آهي ته سنڌ جو علمي خزانو نادر شاهه ساڙايو به ۽ پاڻ سان به کڻي ويو هو. جڏهن مسلمان سائنسدانن وٽ فلڪيات، حساب ۽ فلسفي جو زور هو تڏهن يارهين صدي عيسوي ۾ به اندلسي “سنڌاند” ڪتاب مان پورو فائدو ورتو هن ان ڪتاب جي جدول توڙي فلڪياتي نتيجن کي پنهنجي ڪم ۾ ڪتب آندو. انهن ئي صدين ۾ سنڌ مان عرب توڙي ٻي مسلم دنيا ۾ ويل مشاهيرن جي علمي ۽ سائنسي حوالي سان ڪم کي مڃتا ملي. ڪجهه علمي ڪمن جي حوالي سان اهم شخصيتن بابت سوانحي ڪتاب “مشاهيرت السند” پڙهڻ جهڙو آهي. پر جڏهن اسين دنيا جي سائنس جي تاريخ جا اهم ترين ڪتاب ۽ سائنسي انسائيڪلو پيڊيا ڏسون ٿا ته انهن مان چار اهم ڳالهيون سامهون اچن ٿيون. سنڌ ۾ زراعت تي تجربا ڪري پهريائين ٻاجھري ۽ جوئر جي فصل کي مستقل انداز ۾ تڏهن جي زرعي سائنس ايجاد ڪري پوکڻ، وونئڻن جي فصل جي پوکي ۽ ان جو سڀ کان پهريائين ڪپڙو تيار ڪرڻ، موهن جي دڙي جي پهرين دور ۾ ڦيٿي جو صنعتي ۽ زرعي طور ڪتب آڻڻ، جنهن سان مسافريون تيز ٿيون ۽ مسافتون گهٽيون ۽ چوٿين اهم ڳالهه ته فلڪياتي نظام بابت ميٿاميٽڪل جدولون ڏيڻ جنهن سان ڪائنات جي ان اسرار کي سمجهڻ واري سائنس ۾ حصو ڳنڍڻ شامل آهن. Encyclopaedia of the History of Science, Technology, and Medicine in Non-Western Cultures ٻن حصن ۾ لڳ ڀڳ پنج هزار صفحن جو انسائيڪلوپيڊيا آهي. ان ۾ به ڪيترن ئي هنڌن تي سنڌو جي آڳاٽي سائنس مان دنيا جي فائدي وٺڻ جا حوالا آهن. خاص ڪري “سنڌاند” ڪتاب جي فلڪياتي ماهرن وٽ وڏي اهميت ڄاڻايل آهي. يمن جو عظيم عرب سائنسدان، فلاسافر، شاعر، حسابن جي ماهر الهمداني جي فلڪيات توڙي جاگرافي واري ڪم جي حوالي سان ان ڪتاب جو تمام گهڻو ذڪر ڪيو ويو آهي. ۽ پوءِ مسلم دنيا کان اولهه جي فلڪيات جي ماهرن وٽ هي ڪتاب بنيادي ماخذ بڻيل رهيو آهي. Helaine Selin پاران ذڪر ڪيل ذخيم سائنسي انسائيڪلوپيڊيا موجب ان ڪتاب جو برهمترا سنسڪرتي موجب نالو “سڌانتا” هو جنهن کي فارسي ۾ ”سنڌاند“ ڪيو ويو. مٿي ذڪر ڪيل انسائيڪلو پيڊيا جي صفحي نمبر 334 تي ڏنل هي متن ان کي وڌيڪ چٽو ڪري ٿو ته سنڌ جي فلڪياتي علم ۾ ڪيتري اهميت هئي:
“The earliest astronomical texts in Arabic seem to have been written in Sind and Afghanistan, areas already conquered by the Muslims in the seventh century. Our knowledge of these early works is based entirely on citations from them in later works. They consisted of texts and tables and were labeled zīj after a Persian word meaning “cord” or “thread” and by extension “the warp of a fabric,” which the tables vaguely resemble.”
”عربي ۾ فلڪيات بابت موجود مواد مان ايئن ٿو لڳي ته اهي آڳاٽي دور ۾ سنڌ ۽ افغانستان ۾ لکيا ويا، جن کي مسلمانن ستين صدي عيسوي ۾ فتح ڪيو هو. بعد ۾ ٿيل اسان جي سمورن ڪمن جو بنياد انهن ابتدائي ڪمن جي حوالن جي آڌار تي آهي. انهن ۾ جدولون ۽ مواد شامل هو. جن کي فارسي ۾ “زج” چيو ويو جنهن جي معنى “هڏي” يا “ڌاڳو” آهي، جنهن کي وڌائي “ڪپهه جون تندون” چيو ويو. انهن سان اهي جدولون مبهم انداز ۾ مشابهت رکن ٿيون.“
ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته فلڪيات جي سموري سائنس، ويندي ڪائنات جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ يا سيارن جي چرپر بابت جيڪا سائنس آهي ان جو بنياد مسلمانن جي فلڪياتي ڄاڻ ٻڌائي ويندي آهي ۽ مسلمانن وٽ ان فلڪياتي نظام کي سمجهڻ جو ذريعو سنڌ مان ويل فلڪياتي سائنس آهي. جنهن کي مبهم رکيو ويندو آهي.
سنڌ جي بندرن جي اڏاوت ۽ بحري انجنيئرنگ جي حوالي سان به اهي ڪتاب ڏس ڏين ٿا ته هتي آفريڪي، عرب ۽ يورپي اچي اها سائنس حاصل ڪري ويندا هئا. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري ان انسائيڪلو پيڊيا ۾ روهڙي پهاڙن جي حوالي سان به انيڪ ڄاڻ آهي ته ڪيئن نه پٿر جي دور ۾ هتي صنعت اڀري. دنيا ۾ تيزي سان ترقي جو وڏو سبب “ڦيٿي” جي ايجاد آهي. ان حوالي سان سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي ڪتابن ۽ انسائيڪلوپيڊياز ۾ زبردست بحث آهي. جنهن جي نچوڙ موجب پٿر۽ مٽي جي ڦيٿي جي هجڻ جا آثار ته مصري، ميسوپوٽيائي يا سميري تهذيبن توڙي آفريڪا جي آڳاٽي زندگي ۾ ملن ٿا ۽ ڪجهه شاهديون ڪاٺ واري ڦيٿي جون به آهن پر جنهن نموني سنڌو سڀيتا ۾ ڦيٿي جو ڪم ظاهر ٿيو آهي ۽ دنيا جي ٻين حصن ۾ ڦهليو آهي اهڙو ٻيو مثال ناهي. خاص ڪري ڏاند گاڏي ۾ سرائي ۾ پيل ڦيٿا. ڇو ته زراعت جي پيداوار، خاص ڪري، وونئڻ، ٻاجهري ۽ جوئر، جي حوالي سان متفقه طور ملي ٿو ته سنڌو وادي ۾ ان جي شروعات ٿي ۽ ان مقصدن لاءِ ڦيٿو به ڪتب آيو.
فلڪيات، ستارن جي دنيا ۽ حسابن جي سائنس کانسواءِ انساني زندگي جي ارتقائي ترقي وارن مرحلن ۾ به سنڌ جي مختلف شعبن واري سائنس جا ڪيئي مثال ملن ٿا، جيئن:
‘’Although farming settlements emerged first in the Middle East, from around 5000 BCE, colonies spread east and west, so that by 3,000 BCE, farming had appeared throughout Europe…. In the Indus valley (in modern Pakistan), cotton was cultivated, signaling a further increase in the complexity of human activities, given the processes required to convert raw cotton into cloth.’’ Page, 11. The Story of Science, By Clive Cohen
”جيتوڻيڪ لڳ ڀڳ پنج هزار سال قبلِ مسيح پوکي جي بنياد تي ماڻهن جي رهڻ ڪرڻ جي شروعات وچ اوڀر ۾ ٿي، اوڀر ۽ اولهه تائين بيٺڪيت شروع ٿي، ان ڪري 3000 قبلِ مسيح سموري يورپ ۾ پوکي جي شروعات ٿي….. سنڌو وادي (هن وقت پاڪستان) ۾ وونئڻن جو فصل ڪيو ويندو هو، ڪپهه کي ڪپڙن ۾ تبديل ڪرڻ جي عمل لاءِ. اهو انساني سرگرمين ۾ مونجهارن وڌڻ جو اشارو هو.“
ڪلائيو ڪوهن جو اهو ڪتاب سندس پي ايڇ ڊي جو وڏي مڃتا ماڻيل ٿيسز آهي جنهن ۾ 5000 قبلِ مسيح کان جديد دور تائين سائنس جي هر شعبي ۾ ترقي جا دليل ۽ ثبوتن سان ذڪر ڏنل آهن. ان ڪتاب جي ساڳئي صفحي يارهين موجب 3500 کان 2000 قبلِ مسيح تائين دنيا ۾ ان وقت جي جديد اڏاوتي سائنس ۽ ميٽروپوليٽن شهرن اڏڻ واري سائنس ميسوپوٽيا هاڻوڪو عراق، نيل ڪناري مصر، سنڌو وادي هاڻوڪو پاڪستان ۽ ييلودريا چين ۾ ٿي. اتي وڏا شهر اڏيا ويا. دنيا جا سائنس، ٽيڪنالاجي، جاگرافي، اڏاوتي، بحري سائنس، آبپاشي، زراعت سميت فن ۽ ٻين اهم شين جي حوالن سان ڇڙ وڇڙ انداز ۾ حوالا ڀريا پيا آهن ته سنڌ ۽ پوري سنڌو سڀيتا ڪيئن سموري دنيا جي اڏاوت ۾ ڀاڱي ڀائيوار رهي آهي.