ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جا 35 ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ۽ سينيئر سول جج بدلي، ان ڏس ۾اي ڊي جي اوڀر حليم احمد کي بدلي ڪري ملير ۾ اي ڊي جي 3 مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته ملير جي اي ڊي جي 3 شاھد اعواڻ کي شھيد بينظير آباد جو ايڊيشنل سيشن جج مقرر ڪيو ويو آهي، بدين جي سينيئر سول جج احسان ملڪ کي بدلي ڪري ڪراچي  اوڀر ضلعي جو اي ڊي جي 8 مقرر ڪيو ويو آهي، عمر ڪوٽ جي سينيئر سول جج محمد جھانگير جون خدمتون ڪراچي جي اولھه ضلعي ۽ سکر جي سينيئر سول جج غوث علي شاهه جو خدمتون ڪراچي جي ڏکڻ ضلعي حوالي ڪيون ويون آهن، ميرپور ماٿيلي جي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج خالد شيخ کي سنڌ هاءِ ڪورٽ رپورٽ ڪرڻ جي ھدايت ڪئي وئي آهي،