ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ ٻن نينگرين ۽ سندن ڀاءُ تي تيزاب سان حملي وارو معاملو، ٻنهي نينگرين پاران  سڱاوتي کان انڪار تي تيزاب اڇلائڻ جو انڪشاف، پوليس ٻنهي جوابدارن کي ھاف فراءِ ڪري ڇڏيو. ان ڏس ۾ ڪورنگي جي انڊسٽريل ايريا پوليس سائره، صائمه ۽ سندن ڀاءُ وقاص تي تيزاب اڇلائيندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپو هنيو ته جوابدارن پوليس تي فائرنگ ڪري ڏني، جوابي فائرنگ ۾ ٻئي جوابدار عامر ولد غلام حسين ۽ سهيل ولد اعظم زخمي ٿي پيا، پوليس موجب جوابدارن جي ٻنهي نينگرين سان سڱاوتي طئه ٿيل هئي، ٻنهي ڀينرن پاران انڪار تي جوابدارن ڪاوڙ ۾ اچي ٻنهي ڀينرن مٿان تيزاب اڇلايو. پوليس موجب جوابدارن جي قبضي مان پستول ۽ گوليون هٿ ڪيون ويون آهن، کين طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي