چڪوال(م ڊ) اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد جي ڌيءُ جي شادي جي تقريب ڪالهه ٿي جنهن ۾ اڳوڻي آرمي چيف جنرل (ر) قمر جاويد باجوه، آزاد ڪشمير جي وزيراعظم رانا تنوير الياس ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان جي تصوير سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي. تبصرا ڪيا ويا آهن ته اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي شرڪت جي دعوت نه ڏني وئي آهي.