سنڌ جا ٻه محسن ۽ سونهان

0
193
سنڌ جا ٻه محسن ۽ سونهان

سنڌ اڄ پنهنجي ٻن محسنن  جو ڏينهن ملهائي رهي آهي جن سونهون بڻجي سنڌ کي پنهنجي مستقبل جي واٽ ڏيکاري جيڪي آڱر پڪڙي قوم کي سنئين دڳ تي وٺي آيا.جن جي محنت سبب سنڌ پنهنجي سڃاڻپ برقرار رکي آهي.اڄوڪو ڏينهن سنڌ لاءِ خوشيون به کڻي ٿو اچي ته اڄوڪي ڏينهن تي سنڌ جا ستل سور به جاڳي پون ٿا.جڏهن سنڌ پنهنجي هڪ عظيم محسن،اڳواڻ جي جنم ڏينهن جو ٻڌي ٿي ته اها خوشي ۾ ٻهڪي پوي ٿي پر ان ئي ڏينهن تي دشمنن سازش ڪري سنڌ جي هڪ ٻئي اڳواڻ کي شهيد ڪري ڄڻ ته سنڌکان اها خوشي کسڻ جي ڪوشش ڪئي هئي پر سنڌ زندگي وانگر پنهنجي خوشي ۽ غم گڏ گڏ ملهائڻ ڄاڻي ٿي تنهن ڪري انهي دشمن جي سازش کي ڪنهن به ريت ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو  ته سنڌ انهي ڏينهن تي ورهائجي وڃي.اڄ سنڌ جي سيد سائين جي ايم سيد جي سالگره آهي ته ٻئي طرف هاري ۽ پورهيت اڳواڻ فاضل راهو جي شهادت جو ڏهاڙو آهي ۽ اهي ٻئي اڳواڻ   سنڌ کي اهو گس ڏسي ويا ته  سنڌ کي خوشحالي ،بهتري ۽ مهذب دنيا سان ڳنڍي اڳتي وٺي ڪيئن  وڃي سگهجي ٿو.

سائين جي ايم سيد ۽ شهيد فاضل راهو  جون نظرياتي،تنظيمي ۽ فڪري راهون الڳ الڳ هوندي به انهن جي محبت جو محور اها سنڌ ۽ انهي جا اهي مارو آهن جن لاءِ لطيف سائين فرمايو آهي ته “جيها سي تيها مون مارو مڃيا”.ٻنهي اڳواڻن پنهنجي پنهنجي عمل ذريعي انهن مارو ماڻهن جي خوشحالي ۽ بهتري لاءِ ڪم ڪيو انهن لاءِ سختيون به سٺيون.جيڪڏهن سنڌ اڄ پنهنجي ثقافت،ڪلچر ادب ۽ ٻولي کي محفوظ بڻايو آهي ته انهي ۾ سائين جي ايم سيد جو فڪري ،علمي ۽ عملي پورهيو آهي ته اتي شهيد فاضل جو به عملي ڪردار شامل آهي ،جيڪڏهن اڄ سنڌ ٻولي دفتري ٻولي بڻيل آهي  انهي ۾ به ٻنهي اڳواڻن جي جدوجهد شامل آهي جيڪا ووٽر لسٽون،اسٽيشنن جا نالا ۽ شناختي ڪارڊ سنڌ ۾ ڇپرايو جي لاءِ ڪئي وئي ۽ ٻئي اڳواڻ انهي جدوجهد ۾ اڳيان اڳيان هئا. سنڌ ۾ جيڪڏهن مذهبي منافرت نه پکڙي آهي ۽ اها مذهبي رواداري برقرار آهي ته انهي ۾ به ٻين سياسي اڳواڻن جيان هنن ٻنهي اڳواڻن جو اهم ڪردار آهي جن پنهنجي عمل ذريعي سنڌ ۾ مذهبي ڀائيچاري کي برقرار رکيو.ماڻهن جي محبت ايئن ناهي ملندي ان لاءِ ،انهي محبت لاءِ محنت ڪرڻي پوندي آهي ۽ اها محنت عوام جي اعتماد تي پورو لهڻ آهي. اڄ به جيڪڏهن هيترا سال گذرڻ کانپوءِ به عوام سن ۽ راهوڪي جا رستا تڪين ٿا ۽ اوڏانهن پنڌ پون ٿا ته ان جو مطلب اهو آهي ته اهي ٻئي اڳواڻ عوام جو اهو اعتماد حاصل ڪري ويا جو انهن پڄاڻان عوام اڃا تائين به انهن جون راهون تڪي رهيو آهي ۽ انهن جي فلسفي کي نجات جو رستو سمجهي ٿو.سياست عبادت ۽ خدمت جو درجو رکي ٿي ۽ سائين جي ايم سيد ۽ شهيد فاضل راهو پنهنجي عملي ڪردار ذريعي پنهنجي سياست کي اهو عبادت جو درجو ڏئي ويا جو اڄ به لکين ماڻهو انهن جي فلسفي تي هلي سنڌ ۽ عوام جي خدمت لاءِ ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.

اسان سمجهون ٿا ته ٻنهي اڳواڻن جي ڪردار ۽ جدوجهد سبب سنڌ تان پنهنجي وجود مٽجڻ جو خطرو ٽريو آهي ۽ اهي ٻئي اڳواڻ سنڌ جا اهڙا محسن آهن جن جو پيغام ۽ فڪر  سدائين سنڌ لاءِ سونهون بڻجي عوام جي رهنمائي ڪندو  رهندو  ۽ سنڌ به پنهنجي ٻنهي محسنن کي ڪڏهن نه وساريندي ۽ اڄوڪي ڏينهن تي کين ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ انهن جي اڱڻ تي اچي محبت جا گل نڇاور ڪندي.