غلام شاه موري( ن پ ا)جمعيت علماءِ اسلام سنڌ جي اڳواڻ راشد محمود سومرو چيو  آهي ته سنڌ جا رهواسي اٽي جي لاءِ پريشان آهن جنهن جي ذميوار سنڌ حڪومت تي آهي سنڌ حڪومت  ڪڻڪ جي خريداري  ۾ دير ۽ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي آهي  ۽ اٽي جو بحران سنڌ حڪومت جو پيدا ڪيل آهي انقلاب آڻڻ جي لاءِ ڪرپٽ  چورن لٽيرن کي  رد ڪرڻو پوندو. غلام شاه موري ۾ جلسي کي خطاب ڪندي جمعت علماء اسلام جي مرڪزي اڳواڻ مولانا راشد محمود چيو ته  ماڻهو  پ پ مان  بيزار ٿي پيا آهن هاڻ سنڌ تبديل ٿي چڪي آهي سنڌ جو  ووٽر پ پ طرف نه ويندو  جمعيت واحد پارٽي آهي جنهن جا اميدوار  غريب ماڻهو آهن ضلعي بدين جي عوام  وڏيرن  لٽيرن کي  چونڊن  ۾ شڪست ڏيندي سنڌ ايڪشن ڪميٽي  مهنگائي خلاف جيڪو احتجاج ڪندي اسان گڏ هونداسين.