ملڪاڻي شريف (ن پ ا) انشا الله مڪاني چونڊن ۾ ضلع بدين پيپلزپارٽي ڪلين سوئيپ ڪندي اسان مطمن آهيون سوڀ جيت اسان جو مقدر آهي. اهڙن خيالن جو اظهار ارباب امان الله ملڪاڻي شريف لڳ خيرپورگنبوه ۾ ڳوٺ شريف راجپوت جي راجپوت برادري جي شموليت پروگرام ۾ ميڊيا سان ڳالهائندي ڪيو. ارباب امان الله  صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته مخالف اميدوارن کي بيهارڻ وارا مورجهر ڪراچي ڇڏي اسلام آباد ڀڄي ويا اڄ اهي پنهنجي اميدوارن سان گڏ ناهن ڇوته هنن کي شڪست ڏسڻ ۾ واضح آئي جنهن ڪري پنهنجي اميدوارن کي اڪليو ڇڏي ويا. هن چيو ته سنڌ سميت ملڪ ۾اٽي جو بحران نيازي حڪومت جي ناقص پاليسن سبب ٿيو جنهن کي جلد صحيح ڪيو ويندو هن چيو ته ضلع بدين جو عوام پيپلزپارٽي ۽ ارباب خاندان تي اعتماد پرمطمن   آهي.  ان موقعي تي حاجي سائين بخش جمالي بلال چيمان  چانڊو ريٻاري غلام نبي ملڪاڻي عظيم خان لغاري ۽ ٻيا به موجود هئا.